-
ھَنڌُ:
حيدرآباد، سنڌ، 71000
-
سومر کان جمعو، 9 کان شام پنج
ڇنڇر ۽ آچر موڪل
- رابطو ڪريو
سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات تي تحقيق ڪندڙ شاگردن لاءِ - سنڌي ٻولي اسڪالرشپ
سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات تي تحقيق ڪندڙ شاگردن لاءِ
سنڌي ٻولي اسڪالرشپ
يونيورسٽي سطح تي سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات تي تحقيق کي هٿي وٺائڻ لاء سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پارانِ 2023ع کان شاگردن جي مالي سھائتا ڪئي پئي وڃي ته جيئن يونيورسٽين جا شاگرد وڌ ۾ وڌ سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات جي موضوعن تي تحقيق ڏانھن مائل ٿين.
تعليمي سال 2024-2025ع دوران ايم.فل۽ پي.ايڇ.ڊي ۾ داخل ٿيل اهي شاگرد جن جا تحقيقي موضوع سنڌي ٻولي ۽ لسانيات آهن، اُهي پنھنجو تحقيقي خاڪو، (Outline) موضوع جي انفراديت يا نواڻ، ڪم جو تفصيل ۽ داخلا جو سال لکي پنھنجي شعبي جي چيئرمئن جي تصديقي خط سان گڏ اداري جي سيڪريٽري ڏانهن 30 نومبر 2025ع تائين موڪلي ڏين. وقت سر پھتل درخواستون ڪاميٽيءَ آڏو پيش ڪيون وينديون.
ان کانسواءِ جيڪي شاگرد ايم.اي جي مونوگراف ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن نئين/اڻ ڇھيل موضوع تي ڪم ڪندا ته انهن جي پڻ مالي سھائتا ڪئي ويندي.
سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
لڳ سنڌ ميوزيم حيدرآباد، سنڌ