اسان بابت

مختصر تاريخي پسمنظر

سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، سنڌ اسيمبليءَ جي پاس ڪيل ”سنڌ ائڪٽ“ 1972 (سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، سکيا ۽ استعمال) ۽ ”سنڌ (ترميمي ائڪٽ 1990“ (سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، سکيا ۽ استعمال) ذريعي 1990 ۾، وجود ۾ آيو.
ابتدائي طور، ھن اداري جو دفتر، سنڌ صوبائي ميوزيم، حيدرآباد ۾ رکيو ويو، جڏھن تہ سال 1994ع ۾، ھن اداري جي عمارت جڙي راس ٿي ۽ اداري جو ڪم، نئين عمارت سان گڏ، نئين جوش سان شروع ٿيو. ھن اداري جو باني چيئرمئن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مقرر ٿيو، جنھن کان پوءِ ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر نبي بخش جي. قاضي، جناب حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر فھميدہ حسين، جناب عبدالقادر جوڻيجو، ڊاڪٽر غفور ميمڻ، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي چيئرمئن مقرر ٿيا. ھن وقت ڊاڪٽر اسحاق سميجو، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمئن آھي، ان دؤران جناب ممتاز مرزا، جناب نظام الدين جتوئي، جناب غلام اڪبر لغاري، جناب شمشاد اختر ۽ جناب پرويز احمد سيھڙ کي ھن اداري جي واڌو ذميداري طورچيئرمئن جي چارج حاصل رھي، جڏھن تہ جناب سرفراز راڄڙ نگران چيئرمئن ۽ جناب امر جليل صاحب اعزازي چيئرمئن پڻ رھيا.
ھن اداري جي چيئرمئن ۽ سيڪريٽريءَ جا عھدا، ٽن سالن جي مقررہ مدت وارا عھدا آھن، جڏھن تہ ٻيا سمورا عھدا مستقل بنيادن تي آھن. ھن اداري جو اعليٰ پاليسي ساز ادارو بورڊ آف گورنرس آھي، جنھن جو چيئرمئن اداري جو چيئرمئن ھوندو آھي، جڏھن تہ پنج سرڪاري ۽ 12 عالمن ۽ اديبن کي ميمبر طور مقرر ڪيو ويندو آھي. ھن وقت بورڊ آف گورنس جي ميمبرن ۾
مدد علي سنڌي ، ڊاڪٽر احسان دانش، نياز پنھور، جامي چانڊيو، مختيار احمد ملاح، ادريس جتوئي، ڀارومل عمبراڻي ، روبينہ ابڙو شامل آھن.
بورڊ آف گورنرس، اداري جو اعليٰ پاليسي ساز فورم آھي، جڏھن تہ مختلف ڪميٽيون، اداري جي ڪاروھنوار کي ھلائڻ لاءِ جوڙيونن ويون آھن، جن ۾ اشاعتي ڪميٽي، سنڌي صورتخطي، رسم الخط ۽ ويا ڪرڻ ڪميٽي، مالي ڪميٽي، سليڪشن ڪميٽي ۽ ايوارڊ ڪميٽي شامل آھن.
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ مختلف شعبا، جھڙوڪ: انتظامي ۽ حسابداري (اڪائونٽس) شعبو، تحقيقي ۽ اشاعتي شعبو، سنڌي انفرميٽڪس (سنڌي ڪمپيوٽنگ تي ڪم ڪندڙ شعبو)، پروگرام شعبو، علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي لائبرري، سنڌو لکت ميوزيم ۽ سنڌي لغت بورڊ ڪم ڪري رھيا آھن.

مقصد

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جا مقصد ھيٺ ڄاڻايل آھن.

ويزن

ميڊيا ۾ ٻولي

ميڊيا، اخبار ۽ ريڊيو ۾ سنڌي ٻولي جي صحيح استعمال کي هموار ۽ واڌارا ڪرڻ

امتحانن ۾ ٻولي جي شموليت

چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شامل ڪرڻ ۽ مدد فراھم ڪرڻ

درست استعمال

سنڌ کي صوبائي ۽ مڪاني ادارن ۾ رڪارڊ سنڌي ٻولي جي صحيح استعمال کي يقيني بڻائڻ

حيثيت جي مضبوطي

سرڪاري ۽ نيم سرڪاري سرڪاري رڪارڊ ۾ سڀني سطح تي سنڌي جي حيثيت کي مضبوط ڪرڻ لاء

پڙھڻ ۽ لکڻ

سموري دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پڙھڻ ۽ لکڻ ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ