مختصر تاريخي پسمنظر
سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، سنڌ اسيمبليءَ جي پاس ڪيل ”سنڌ ٻولي ائڪٽ“ 1972 (سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، سکيا ۽ استعمال) ۽ ”سنڌ ترميمي ائڪٽ 1990“ (سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، سکيا ۽ استعمال) ذريعي 1990 ۾ قائم ٿيو. ابتدائي طور، ھن اداري جو دفتر، سنڌ صوبائي ميوزيم، حيدرآباد ۾ جوڙيو، جڏھن تہ سال 1994ع ۾، ھن اداري جي عمارت جڙي راس ٿي ۽ اداري جو ڪم، نئين عمارت سان گڏ، نئين جوش سان شروع ٿيو. ھن اداري جو باني چيئرمئن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مقرر ٿيو، جنھن کان پوءِ ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر نبي بخش جي. قاضي، جناب حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر فھميدہ حسين، جناب عبدالقادر جوڻيجو، ڊاڪٽر غفور ميمڻ، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ،ڊاڪٽر اسحاق سميجو چيئرمئن رھيا. ھن وقت ڊاڪٽر شير مھراڻي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمئن آھي. جڏھن تہ جناب ممتاز مرزا، جناب نظام الدين جتوئي، جناب غلام اڪبر لغاري، جناب شمشاد اختر ۽ جناب پرويز احمد سيھڙ ھن اداري ۾ واڌو ذميداري طورچيئرمئن رھيا. جناب سرفراز راڄڙ نگران چيئرمئن ۽ جناب امر جليل صاحب اعزازي چيئرمئن رھيا.
ھن اداري جي چيئرمئن ۽ سيڪريٽريءَ جا عھدا، ٽن سالن لاءِ ھوندا آھن، جڏھن تہ ٻيا سمورا عھدا مستقل بنيادن تي آھن. ھن اداري جو اعليٰ پاليسي ساز ادارو بورڊ آف گورنرس آھي، جنھن جو چيئرمئن اداري جو چيئرمئن ئي ھوندو آھي، جڏھن تہ پنج سرڪاري ۽ 12 سنڌي ٻوليءَ جي مڃيل عالمن ۽ اديبن کي ميمبر طور مقرر ڪيو ويندو آھي.
بورڊ آف گورنرس، اداري جو اعليٰ پاليسي ساز فورم آھي، جڏھن تہ مختلف ڪميٽيون، اداري جي ڪاروھنوار کي ھلائڻ لاءِ جوڙيون ويون آھن، جن ۾ اشاعتي ڪميٽي، سنڌي صورتخطي، رسم الخط ۽ ويا ڪرڻ ڪميٽي، مالي ڪميٽي، سليڪشن ڪميٽي ۽ ايوارڊ ڪميٽي شامل آھن.
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ مختلف شعبا، جھڙوڪ: انتظامي ۽ حسابداري (اڪائونٽس) شعبو، تحقيقي ۽ اشاعتي شعبو، سنڌي انفرميٽڪس (سنڌي ڪمپيوٽنگ تي ڪم ڪندڙ شعبو)، پروگرام شعبو، علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي لائبرري، سنڌو لکت ميوزيم ڪم ڪري رھيا آھن.