سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌيءَ ۾ ڇپيل سمورن ڪتابن جي موضوع/ شعبي وار ببليوگرافي ٺاهڻ جي رٿا شروع ڪئي وئي آهي. هن رٿا موجب شاعري، افسانوي ادب، سوانحي ادب، تاريخ، تنقيد، تحقيق، ٻاراڻي ادب، سائنسي ادب، سماجي علمن ۽ ٻين موضوعن جي ڪتابن جي ڄاڻ تي ٻڌل الڳ الڳ ببليوگرافيون شايع ڪيون وينديون.
اوهان پنهنجن لکيل/ ترجمو ڪيل/ مرتب ڪيل ڪتابن يا پنهنجي اداري پاران ڇپايل ڪتابن جي ڄاڻ هيٺئين فارم وسيلي ڀري موڪليندا ته جيئن لاڳاپيل موضوع وارين ببليوگرافين ۾ شامل ڪري سگهجي.
نوٽ: سنڌ جا سرڪاري ۽ خانگي اشاعتي ادارا، پنهنجن ڪتابن جون فهرستون ۽ ٻيا تفصيل هيٺيئن فارم جي صورت ۾ هن اي ميل contact@sindhila.edu.pk ذريعي موڪلي سگھن ٿا.