چيئرپرسن

موجودہ چيئرمئن

ڊاڪٽر شير مھراڻي

Chairman Image


اديب ۽ محقق، پهرين مارچ 1980ع تي ڳوٺ احدي خان راڄپر، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول احدي خان راڄپر، مڊل ڳوٺ ٻٻر وڏن جي سرڪاري مڊل اسڪول، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول بوزدار وڏا، انٽر گورنمينٽ هاءِ سيڪنڊري اسڪول ڪنب، بي.ايس.سي (باٽني) ،ايم.اي سنڌي ادب  انگريزي ادب شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان ڪيائين. ڊاڪٽر شير مھراڻي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ’شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات‘ جي عنوان تي ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي رهنمائي ۾ 2013ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. ڊاڪٽر شير مھراڻي لکڻ جي شروعات شاعريءَ کان ڪئي. سندس پهريون شعر 1999ع ۾ شايع ٿيو. هي ڪجهه عرصو پاڪستان ايئر فورس ۾ ملازم رهيو، بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ 2014ع ۾ سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گلستان جوهر ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. شير مھراڻي ڪيترو عرصو ماهوار ’سوجهرو‘ جو ايڊيٽر پڻ رهيو ۽ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي خبرن واري شعبي ۾ ‘نيوز ٽرانسليٽر’ ۽ نيوز ڪاسٽر جي حيثيت سان سلهاڙيل رهيو. هي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪنب جو بنيادي ميمبر هجڻ سان گڏ شاخ ڪنب ۽ ساس ڪراچي جو سيڪريٽري پڻ رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات’ 2013ع ثقافت کاتي طرفان ۽ ‘شاهه لطيف جو جديد اڀياس’ 2014ع جماليات: تنقيدي جائزو، پوئٽڪس (ارسطو جي ڪتاب جو ترجمو) درد جو معراج (ڊاڪٽر شھناز شوري جي اردو ڪھاڻين جو سنڌي ترجمو) sons of the soil منصور ٿلهي جي ڪتاب مٽي مهاڻا جڳ انگريزي ترجمو، Bequest of Bhittia شاهه لطيف جي شاعري تي انگريزي ڪتاب، ’راڄپر جر رمز‘ (سگهڙ قادر بخش راڄپر جو ڪلام) سهيڙ، لطيفيات جو تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو، سارتر جي آتم ڪٿا (ترجمو)، ناول تاپسي (ترجمو) قابل ذڪر آهن.کيس اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد پاران 2013ع ۾ شاهه لطيف تصوف ايواڊ،سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران 2014ع جو بهترين تحقيق جو ايوارڊ ،۽ ثقافت کاتي پاران 2018ع جو شاهه لطيف ايوارڊ، شھباز ايوارڊ، سچل ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ملي چڪا آهن. ھو ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي ۾ اسٽنٽ پروفيسر رهيو آھي. هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ چيئرمئن طور پنهنجا فرض سرانجام ڏيئي رهيو آهي.

اڳوڻا چيئرمئن