ٻين عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس

سنڌي ٻولي، سنڌو لکت ۽ اصلوڪي ڄاڻ ۽ ورثي جي ذريعي طور ٻولي

04 ۽ 05
مئي
2024ع

آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچي

سنڌي ٻولي، سنڌو لکت ۽ اصلوڪي ڄاڻ ۽ ورثي جي ذريعي طور ٻولي

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران، 4 ۽ 5 مئي، 2024ع تي ‘سنڌي ٻولي، سنڌو لکت ۽ اصلوڪي ڄاڻ ۽ ورثي جي ذريعي طور ٻولي’ جي عنوان هيٺ ‘ٻين عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس’ ڪوٺائي پئي وڃي. ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ هن عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه جا عالم، اسڪالر، ٻولي ۽ لسانيات جا ماهر، رسم الخط، آرڪيالاجي، تاريخ، اينٿراپالاجي ۽ سماجي سائنس جي ٻين شعبن سان لاڳاپيل ماهر پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪندا.

هن ڪانفرنس جو مقصد، ٻولي ۽ ڄاڻ کي هڪ اصلوڪي ورثي طور بحث هيٺ آڻڻ آهي. جيئن ته ٻولي سماجي زندگيءَ جو هڪ پيچيده حصو آهي، ان ڪري ڄاڻ ۽ ورثي طور ٻوليءَ جو هيءُ نظريو ڪيترن ئي سوالن جا جواب ڳولڻ ۾ مدد ڪندو، جيڪي سماجي ۽ ثقافتي ميدان ۾ وڌيڪ تحقيق جا گھرجائو آهن. ٻولين جي علمي لغوي، متني، علامتي، استعاراتي، فڪري، تنقيدي ۽ نظرياتي رنگارنگي،ڪهڙيءَ ريت علم جي بنياد ۽ واڌ ويجهه ۾ ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ٻولي ثقافتي ورثي ۽ علم جي منتقليءَ جو هڪ اهم حصو ڪيئن بڻجي ٿي، هيءَ ڪانفرنس انهن نُڪتن کي بحث هيٺ آڻيندي ۽ ملندڙ تجويزن کي آئندي ٿيندڙ تحقيق لاءِ مددي مواد طور محفوظ ڪندي.

سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، سنڌ سرڪار جو هڪ خودمختيار ادارو آهي، جيڪو ثقافت کاتي جو حصو آهي. هن اداري جو بنيادي ڪم سنڌي ٻوليءَ جي استعمال، واڌ ويجهه ۽ ڦھلاءَ کي هٿي ڏيڻ آهي. هن اداري پاران 2023ع کان وٺي ‘عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس’ جي روايت وڌي وئي آهي، جنهن سلسلي جي هيءَ ٻي ڪانفرنس آهي.  



مھمان

ھن تقريب جا ميزبان ۽ مھمان

بھاتا آنسوملي مکپانڊي

محقق

مايا کيملاڻي ڊيوڊ

پروفيسر

ھَنڌُ

ھيٺين معلومات وسيلي توھان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري سگهو ٿا

پَتو
آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچي
فون:
(+92)-22-9240050
ايميل:
conference@sindhila.edu.pk