سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
سنڌي ٻولي اٿارٽي هڪ خودمختيار ادارو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي انتظامي ضابطن هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي. اٿارٽيءَ جو پنھنجو بورڊ آف گورنرس آهي، جيڪو اٿارٽيءَ جي ڪم ڪار جي نگراني ڪرڻ سان گڏ، اٿارٽيءَ جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاليسيون جوڙيندو رھي ٿو. هن اداري جو پهريون بورڊ آف گورنرس، سنڌ جي نامياري عالم ۽ اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سربراهيءَ ۾ جوڙيو ويو هو. اٿارٽيءَ جي قيام واري وقت کان وٺي، مختلف عالم اديب هن اداري جا چيئرمئن مقرر ڪيا ويا، جن وقت بوقت پنهنجي علمي ، ادبي ۽ لسانياتي قابليت آھر سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪيو.








