عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس

سنڌي ٻولي، سنڌو لکت ۽ خطري هيٺ آيل اصلوڪيون ٻوليون

21 ۽ 22
فيبروري
2023ع

آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچي

سنڌي ٻولي، سنڌو لکت ۽ خطري هيٺ آيل اصلوڪيون ٻوليون

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران، هرسال مادري ٻولين جي بين الاقوامي ڏهاڙي جي مناسبت سان’عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس‘ ڪوٺائڻ جو  رٿيو ويو آهي، جنھن موجب سال 2023ع لاءِ  عالمي سنڌي ڪانفرنس جو موضوع  ’سنڌي ٻولي، سنڌو لکت ۽ خطري هيٺ آيل اصلوڪيون ٻوليون‘ آهي. هيءَ ڪانفرنس 20-21 فيبروري 2023ع تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي پئي وڃي، جنھن ۾ ڏيھه توڙي پرڏيھه مان سنڌي ٻولي، سنڌو لکت، تاريخ، آرڪيالاجي، اينٿراپالاجي ۽ خطري هيٺ آيل مختلف ٻولين جي صورتحال بابت تحقيقي مقالا پيش ڪيا ويندا، جڏهن ته پاڪستان ۾ ٻولين جي صورتحال، مادري ۽ قومي ٻولين جي حقن ۽ سنڌي ٻوليءَ کي درپيش خطرن بابت گفتگو پڻ ٿيندي. 

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 2022-2032ع  واري ڏهاڪي کي ’اصلوڪين ٻولين جو بين الاقوامي ڏهاڪو‘ قرار ڏنو آهي ته جيئن اصلوڪين ٻولين کي درپيش خطري ۽ نقصان کان بچائي، فوري طور محفوظ ڪرڻ سميت انهن کي هٿي ڏياري سگهجي. ٻن ڏينھن واري هن عالمي ڪانفرنس کي گڏيل قومن جي موضوع  سان ڳنڍيندي، ڪانفرنس ۾ ملڪي ۽ بين الاقوامي اسڪالرن ۽ ٻولي، لکت  ۽ لسانيات جي ماهرن، ٻوليءَ جي انجنيئرنگ ۽ ڊجيٽلائيزيشن تي ڪم ڪندڙن، تاريخ ۽ اينٿراپالاجيءَ جي ڄاڻُن، آرڪيالاجي، ۽ ٻين لاڳاپيل موضوعن جي ماهرن جا 40 تحقيقي مقالا پيش ڪيا ويندا.


مھمان

ھن تقريب جا ميزبان ۽ مھمان

مايا کيملاڻي ڊيوڊ

پروفيسر

پروفيسر ڊاڪٽر مشل بوون

ڊائريڪٽر- سي اين آر ايس

جوناٿن مارڪ ڪينيور

آمريڪن آرڪالاجسٽ

ڊاڪٽر طارق رحمان

پروفيسر ۽ ڊين

ھَنڌُ

ھيٺين معلومات وسيلي توھان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري سگهو ٿا

پَتو
آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچي
فون:
(+92)-22-9240050
ايميل:
conference@sindhila.edu.pk