انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران شايع ٿيل هڪ عام علم انسائيڪلوپيڊيا آھي، جنھن ۾ خاص طور تي سنڌ جي حوالي سان ڄاڻ ملي ٿي. مجموعي طور تي پندرهن جلد شايع ٿيڻ جو منصوبو پيش ڪيو ويو آهي. ٻارھن جُلد شايع ٿي چڪا آهن. ھن وقت 13 جلد تي ڪم ھلي رھيو آھي. مواد تقريبن اٺ سيڪڙو سنڌ بابت آهي، جڏهن باقي سڄي دنيا ۽ ڪائنات سان لاڳاپيل مختلف اهم موضوعن تي مشتمل آهي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سنڌي ٻولي اٿارٽي جو هڪ منصوبو آهي. ھن منصوبي کي اڳوڻي چيئرمئن ڊاڪٽر غلام علي الانا جي نگراني ۾ شروع ڪيو ويو ھو پر اڻڄاتل سببن جي ڪري جلد ئي بند ٿي ويو، پوءِ ڊاڪٽر فهميده حسين جي نگرانيءَ ۾ جولاء 2008 ع کان 13 مارچ 2015 ع تائين ٻيھر شروع ڪيو ويو ھو. هاڻي اهو ڊاڪٽر محمد علي مانجھيءَ (چيئرمئن) جي صدارت هيٺ شايع ٿي رهيو آهي. محترم بدر ابڙو، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پروجيڪٽ جو پهريون ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، جنھن جي جاءِ تي بعد ۾ محمد عثمان ميمڻ کي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو ھو. .

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا