ڌنڌي وار/ھنرمند ماڻھن جون لغتون ٺاھڻ جو حصو بڻجو

ڌنڌي وار/ھنرمند ماڻھن جون لغتون ٺاھڻ جو حصو بڻجو
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌ جي قديم جاتين/قبيلن/ مخصوص ڌنڌن/هُنرن ۽ پيشن/شوقن ۽ خفتن سان لاڳاپيل ماڻھن جون لغتون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيئن ٻوليءَ جي وسعت، گھڻ ر نگائي ۽ حُسناڪيءَ کي محفوظ ڪري سگھجي.
ڌنڌي وار يا پيشي وار لغتن ۾ ان پيشي سان لاڳاپيل ماڻھن جي سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ مخصوص لفظن، لغت، لهجي، اوزارن، ٺاهيل يا استعمال هيٺ شين/اوزارن، شين جي قسمن/نمونن، هڪ ئي شيءِ جي مختلف علائقن ۾ رائج جدا نالن، هڪ ئي شيءِ يا وکر جي مختلف حصن جي الڳ الڳ نالن سان گڏ لاڳاپيل ڌنڌي بابت اصطلاح، پھاڪا، چوڻيون ۽ لوڪ گيت پڻ شامل ڪري سگھجن ٿا.
اهڙن ڪجھه قديم پيشن سان لاڳاپيل ماڻھن ۾ ڊکڻ، موچي، ٺاٺارا، گھاڻي وارا، ڀرت ڀريندڙ، اجرڪ ۽ ٽوپيون ٺاهيندڙ، ڪاشيگر، ڪمانگر، لوهر/ڪاريا، واڻ ۽ مُڃ جو ڪم ڪندڙ، ڪنڀار، بَٺي وارا، سونارا/زرگر، ناچو، راڳي ۽ سازندا، باغائي، جوڳي، رازا، چور ۽ پَيري، راڌا، کٽي/رنگريز، ڌوٻي/ساٽي، مُهاڻا/ٻيڙياتا وغيره شامل آهن. جڏهن ته شوقينن ۾ شڪاري، ڏاندن،اٺن ۽گھوڙن جي ڊوڙ ڪرائيندڙ،ڪوڪڙي، ڪبوترا، جُوئاري ۽ ملھَه وغيره شامل آهن.
ٺهندڙ لغتون جيئن ته تصويري هونديون، تنهنڪري  ذڪر هيٺ ايندڙ شين يا اوزارن جون معياري تصويرون پڻ ڏيڻيون پونديون.

ڌنڌي وار يا پيشي وار لغتون