-
ھَنڌُ:
حيدرآباد، سنڌ، 71000
-
سومر کان جمعو، 9 کان شام پنج
ڇنڇر ۽ آچر موڪل
- رابطو ڪريو
اداري پاران سنڌي ڪمپوزنگ ۾ وسرڳ ۽اوسرڳ جي مسئلن جي حل لاءِ جوڙيل نئين ڪيبورڊ ۽ فونٽن جي پڌرائي ڪرڻ جي تقريب
اداري پاران سنڌي ڪمپوزنگ ۾ وسرڳ ۽اوسرڳ جي مسئلن جي حل لاءِ جوڙيل نئين ڪيبورڊ ۽ فونٽن جي پڌرائي ڪرڻ جي تقريب
سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران سنڌي ڪمپوزنگ ۾ وسرڳ ۽اوسرڳ جي مسئلن جي حل لاءِ جوڙيل نئين ڪيبورڊ ۽ فونٽن جي پڌرائي ڪرڻ جي تقريب ٿي، تقريب لاء سنڌ جي ثقافت، سياحت ۽نوادرات کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاه پنهنجي موڪليل پيغام ۾ چيو تہ مونکي اڄ اهو ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي تہ سنڌي ٻولي جي ترقي لاء قائم سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو موجوده چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجھي جي سرواڻي ۾ سنڌي ٻولي جي حوالي سان نهايت اهم ڪم ڪري رهيو آهي اڄ اداري پاران تيار ڪيل سنڌي ٻولي جي ويب، ونڊوز ۽ ايپل منڪنٽاس ڪي بورڊ جنهن ۾ سنڌي ٻولي جي ٻاونجاه اکرن سان گڏ ٻيا وسرڳ اکر شامل ڪيا ويا آهن اڄ ان جي پڌرائي ان ڳالھ جو ثبوت آهي تہ هي ادارو پنهنجي مقصدن تحت ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو تہ آئون اها ڳالھ ڪيتري عرصي کان چوندو اچان تہ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي چئليجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌي ٻولي کي سائنسي بنيادن تحت سموري دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاء اوپن ونڊوز ۽ ڊجيٽلائيز ذريعن تي وڌ کان وڌ ڪم ڪرڻ گهرجي ان سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار اداروپنهنجي ذميواري پوري ڪري رهيو آهي،هن ڪيبورڊ جي پڌرائي هڪ شروعاتي قدم آهي اٿارٽي هن پنڌ ۾ اڃا بہ اڳتي ويندي اڄوڪي هن اهم موقعي تي آئون اداري جي چيئرمين ۽ ان جي سموري ٽيم خاص ڪري آء ٽي شعبي کي مبارڪباد ڏيان ٿو اميد تہ هن ڪيبورڊ سان سنڌي ڪمپوزنگ ۾ هڪ نواڻ ايندي، تقريب کي خطاب ڪندي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجھي چيو تہ سنڌي ڪمپوزنگ ۾ وسرڳ ۽اوسرڳ جي مسئلن کي ڏسندي ان جي حل لاء هي پهرين شروعات ڪئي آهي ۽ اها ڪامياب ٿي آهي ان کي وڌيڪ عام ڪرڻ لاء مختلف ادارن خاص طور اخباري ادارن جي سهڪار جي ضرورت پوندي هي اسان سمورن جو گڏيل ڪم آهي هن چيو تہ هي ڪيبورڊ پرائمري لاء بہ تمام بهترين آهي اسانجو ٻار هينئر ان شين کي سمجهندو تہ ايندڙ نسل کي لکت ۾ ڪا ڏکيائي پيش نہ ايندي هن وڌيڪ چيو تہ ادارو سنڌي ٻولي کي رائج ڪرڻ ان جي درست استعمال لاء هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن تہ جديد ٽيڪنالاجي جي گهرجن موجب اسانجو انفرميٽڪس شعبو ڪم ڪري رهيو آهي تمام جلد سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ميدان ۾ وڌيڪ اڳڀرائي جي خوشخبري ڏينداسين. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سيڪريٽري پروفيسر شبنم گل چيو تہ سنڌي لکت ۾ وسرڳ ۽ اوسرڳ جي مسئلن کي ڏسي مونکي ذاتي طور تي تڪليف ٿيندي هئي ڇو تہ لفظ جي خوبصورتي ان ۾ آهي تہ اها درست انداز ۾ هجي هن چيو تہ ٻولي پيار جي پوک آهي ٻولي جو تعلق روح سان آهي ان ڪري ان جي خوبصورتي بہ ائين هجڻ گهرجي جو اها سهڻي طريقي سان پيش ڪئي وڃي هن چيو تہ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري سدائين ٻولي جي واڌ ويجهه لاء ڪم ڪيو آهي خاص طور اداري جو انفرميٽڪس شعبو فعال رهيو آهي، هن شعبي جي ڪم سبب پوري دنيا سان رابطي ۾ آهيون ۽ وسرڳ اوسرڳ جو هي ڪيبورڊ اداري جي اهم ڪمن مان هڪ آهي. . تعليمي ماهر پروفيسر ادريس جتوئي چيو تہ يقينن اڄ سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ هڪ نهايت ئي اهم اڳڀرائي ٿي آهي ان لاء اداري جي پوري ٽيم مبارڪباد جي لائق آهي، هن چيو تہ هڪ ڳالھ ذهين ۾ رکجي تہ ٽيڪنالاجي جا ماهر اهي معاملا چگي ريت سمجهن ٿا ان ڪري ضرورت آهي تہ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ جي ماهرن ۽ لسانيات جي ماهرن جي ڪاميٽي ٺاهڻ کپي جيڪا ان شين کي ڏسي ۽ ان جي نشاندهي تي ڪم ڪري ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. سينئر صحافي مهيش ڪمار چيو تہ هي دور ٻولي جي بقا جي جنگ جو دور آهي ان ۾ اسان کي ٿورو بہ غافل نہ رهڻ گهرجي اڄ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو انتهائي اهم آهي اخباري دنيا ۾ ان ڳالهين کي ذهين ۾ رکڻ گهرجي هن چيو تہ خوشي جي ڳالھ آھي تہ ادارا جن مقصدن لاء جوڙيا ويا آهن اهي ان تحت پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن. اداري جي انفرميٽڪس شعبي جي سربراہ انيس ڪاڪا ڪيبورڊ ۽ نئين فونٽن بابت بريفنگ ڏيندي چيو تہ هن ڪيبورڊ ذريعي سنڌي جي سمورن ٻاونجاه اکرن سان گڏ وسرڳ جا اکر بہ شامل ڪيا ويا آهن ان سان هاڻ اهو مسئلو حل ٿي ويو آهي تمام جلد سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ وڌيڪ اڳڀرايون پيش ڪنداسين. ڪورونا ايس او پيز تحت منعقد ٿيل هن تقريب ڪمپيوٽر آپريٽرز ۽ صحافين شرڪت ڪئي. . نوٽ ڄاڻايل لنڪ ذريعي ان ڪيبورڊ کي ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو.
https://keyboard.sindhila.org
حيدرآباد: 28 جنوري 2021
- شيئر :
ھاڻوڪيون تحريرون
-
ٻارن لاءِ شاھہ لطيف جو ميلو-اسلام…02 نومبر، 2024ع
-
گهڻ ٻوليائي تعليم، مختلف نسلن ۽…21 فيبروري، 2024ع
-
سنڌي ٻوليءَ جو دفتري استعمال-آن لائين…29 آگسٽ، 2023ع
-
تحقيقي مقالي لکڻ جو فن ۽…24 آگسٽ، 2023ع
-
سنڌي آئيويٽا جي ڏينھن جي مناسبت…13 جولاءِ، 2023ع