مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران " سنڌي ٻوليءَ، خطرا ،موقعا ،تجويزون" سري هيٺ گهڻ ٻوليائي تعليم ۽ مادري ٻوليءَ طور سنڌي ٻوليءَ جي اهميت " جي عنوان هيٺ آن لائن مباحثو ٿيو.
آن لائن مباحثي ۾ نامياري تعليمدان يونيورسٽي آف صوفي ازم ۽ ماڊرن سائنس جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پروين منشي، نصابي ماهر پروفيسر ادريس جتوئي، نامياري محقق ڊاڪٽر عبدالوحید ڪلوڙ مھمان طور شرڪت ڪئي،جڏهن خالد آزاد، آن لائن مباحثي جي ميزباني ڪئي.