سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران 'سنڌي ٻولي جاڳرتا مھم' جي سلسلي ۾، 'سنڌي ٻوليءَ جو دفتري استعمال' جي عنوان هيٺ آن لائين مباحثو ٿي گذريو، جنھن ۾ نامور اديبن ۽ محققن تاج جويي، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ۽ خالد آزاد مھمان طور شرڪت ڪري پنھنجن خيالن جو اظھار ڪيو، جڏهن تہ نوشين اڄڻ مباحثي ۾ ميزبان طور پنھنجون خدمتون پيش ڪيون.