شڪايت مرڪز

سنڌي مضمون نہ پڙهائيندڙ خانگي تعليمي ادارن بابت ’شڪايت مرڪز‘ (Complaint center) 

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري طرفان سنڌي مضمون نہ پڙهائيندڙ خانگي تعليمي ادارن کي پابند بڻائڻ لاءِ اداري جي سيڪريٽري جي سربراھيءَ ۾ ’شڪايت مرڪز‘ (Complaint center) قائم ڪيو ويو آھي، جنھن جو ڪم شاگردن يا انھن جي والدين جي شڪايتن تي لاڳاپيل خانگي اسڪولن/ڪاليجن جي انتظاميہ سان لکپڙھ ڪري، قاعدي قانون جي روشنيءَ ۾ کين سنڌي پڙهائڻ لاءِ پابند ڪرڻ ھوندو.

اداري/اٿارٽيءَ جي چيئرمئن، خانگي ادارن کي خبردار ڪندي پڌرو ڪيو آهي تہ سنڌ اسيمبلي مان ”سنڌ ائڪٽ 1972ع ’سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال“ جي صورت ۾ منظور ٿيل آھي، جنھن جي پوئواري ۾ سنڌ صوبي اندر سنڌي ٻولي مادري زبان طور (لازمي سنڌي) ۽ غيرمادري زبان طور (آسان سنڌي) پڙھائڻ لازمي آھي. ساڳيءَ ريت خانگي اسڪولن لاءِ پڻ ”سنڌ پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنل (ريگيوليشن اينڊ ڪنٽرول) آرڊيننس 2001ع“ منظور ٿيل آھي. خانگي تعليمي ادارن جي رجسٽريشن فارم ۾ پڻ واضح طور سنڌي مضمون پڙھائڻ جو شرط لکيل آهي. ان آرڊيننس ۾ بہ ٻولي ائڪٽ 1972ع جيان سمورن خانگي تعليمي ادارن کي مادري ٻولي توڙي غيرمادري ٻوليءَ طور سنڌي مضمون لازمي پڙھائڻو آھي.

ھن وقت تائين داخل ٿيل شڪايتون ۽ اڳڀرائي:

پھرئين مرحلي ۾ ھن شڪايتي مرڪز کي ’دي سِٽي اسڪول‘ ؛ ’دي ايجوڪيٽرس‘ ۽ الصفيٰ اڪيڊمي اسڪول حيدرآباد سميت ٻين خانگي اسڪولن بابت شڪايتون وصول ٿيون، انهن جا تفصيل سيڪريٽري تعليم ۽ خانگي اسڪولن جي رجسٽريشن واري ڊائريڪٽوريٽ کي موڪليا ويا. نتيجي ۾ ڊائريڪٽر(رجسٽريشن) پرائيويٽ انسٽِيٽيوٽس، محترمہ رفيعہ ملاح نوٽيس وٺي، لاڳاپيل اسڪولن جي انتظاميہ کي سختيءَ سان پابند ڪيو، جنھن جي موٽ ۾ ڄاڻايل اسڪولن جي انتظاميہ طرفان’سنڌي مضمون’ لازمي ۽ روزاني بنياد تي پڙهائڻ جي خاطري ڪرائيندي، سنڌي ڪلاسن جا وقت ۽ سنڌي استادن جي مقرريءَ جا تفصيل اختيارين کي موڪليا ويا.
شڪايتن جي ٻئي مرحلي ۾ ڪراچيءَ جي پبلڪ اسڪول ڪينٽ (ڊي.ايڇ.اي فيز 2)، بحريہ اسڪول ۽ ڪاليج (ڪارساز ڪئمپس کان علاوہ بحريہ ٽائون جي گلف ڪئمپس خلاف شڪايتون مليون هيون. ان کان علاوہ حيدرآباد جي بحريہ اسڪول ۽ ڪاليج (گلستان سجاد)، ڪائونٽي ڪئمبرج اسڪول، سانگهڙ جي ايجوڪيٽرس اسڪول، نوابشاھ جي سٽي اسڪول ۽ بيڪن هائوس اسڪول بابت پھتل شڪايتن جا تفصيل ۽ گڏ اٿارٽيءَ پاران سفارشون موڪليون ويون. انهن سفارشن جي روشنيءَ ۾ خانگي اسڪولن جي ڊائريڪٽر محترمہ رفيعہ جاويد لاڳاپيل ريجنز/ضلعن جي ڊائريڪٽرن کي نشاندھي ڪيل تعليمي ادارن خلاف قدم کڻڻ ۽ انتظاميہ کي ’سنڌي مضمون‘ پڙهائڻ لاءِ پابند ڪرڻ جا خط جاري ڪيا آهن.
سڀني والدين لاءِ پڌرو ڪجي ٿو تہ اُهي پنھنجي ٻارن جي مستقبل ۽ ٻوليءَ جي ڀلائيءَ کي ذهن ۾ رکندي، سنڌي نہ پڙهائيندڙ يا اسڪولن اندر سنڌي ڳالهائڻ تي ڏنڊ لاڳو ڪندڙ اسڪولن جي نشاندهي ڪن ۽ سنڌي ٻوليءَ جا بااختيار اداري ۾ قائم ’شڪايت مرڪز‘ کي خط/ اي ميل يا فون وسيلي آگاهي ڏين.
رابطي لاءِ : واٽس ائپ نمبر : 03113685181

Email:complaintcell@sindhila.edu.pk