سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري سنڌي ٻوليءَ ۾ تحقيق تي سَوين ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا آھن. ان سان گڏوگڏ ”سنڌي ٻولي“ تحقيقي جرنل پڻ شايع ڪرايو آھي. جيتوڻيڪ تحقيقي جرنل جو آغاز 1998ع کان ٿيو پر انتظامي تبديلين جي ڪري اُن ۾ وِٿِي اچي وئي ۽ ڇپجي نہ سگهيو، ھاڻ سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل ٻيھر 2008ع کان شايع ٿي رھيو آھي. 2015ع تائين ھِي جرنل ھڪ عام تحقيقي جرنل ھو، پر 2016ع کان ھائرايجوڪيشن ڪميشن جي اصولن موجب شايع ٿي رھيو آھي.