سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم جي افتتاحي تقريب دوران "سنڌي ٻولي جو سماجي واهپو، مسئلا ۽ انهن جو حل' عنوان سان هڪ مذاڪري جو اهتمام به ڪيو ويو. مهمانن ۾ نامور اديب مدد علي سنڌي ڳالهائيندي چيو ته هن قسم جا پروگرام سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به ڪرڻ گهرجي. سنڌي ٻوليءَ کي سدائين مسئلا درپيش رهيا آهن. سنڌ جي مٿان ڌارين جا حملا ٿيندا رهيا آهن، پر سنڌي ٻولي پنهنجي جاءِ تي موجود رهي آهي. انگريزن سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. هنن آفيسرن جي لاءِ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۽ لکڻ لازمي قرار ڏنو. هن چيو ته جيستائين سرڪاري اسڪول هئا ته سنڌي ٻولي پڙهائي ويندي هئي، پر خانگي تعليمي نظام ٻوليءَ کي نقصان پهچايو. سنڌي ٻولي واحد ٻولي آهي، جنهن ۾ تعليم ڏني وڃي. ٽي وي چئنل ۽ اخبارون آهن. وڏي انگ ۾ ڪتاب ڇپجن ٿا.
تهمينه مفتي چيو ته سنڌي ٻوليءَ کي سياسي ۽ سماجي محاذ تي مالڪيءَ جي ضرورت آهي. ڪمپنين کي پابند بڻايو وڃي ته اهي پنهنجين شين جا نالا سنڌيءَ ۾ لکن. دڪانن جا بورڊ سنڌيءَ ۾ لکيا وڃن. هن چيو ته اسان پنهنجي ٻوليءَ کي پنهنجو وجود سمجهون ٿا. ان ڪري اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جي بچاء لاءِ هر هنڌ ڪم ڪرڻو پوندو.
سينيئر صحافي ۽ نياز پنهور چيو ته مادري ٻوليءَ کي بچائڻ جي لاءِ هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. حڪومتون ڪم ڪن ٿيون يا نٿيون ڪن، اهو الڳ موضوع آهي ۽ حڪومتون به عوام ئي جوڙيندو آهي. ان ڪري هر هڪ فرد جو ڪردار اهم آهي. هن چيو ته ادارن جي مالڪي نٿي ٿئي. اخبار جي ٻوليءَ جي ڪنهن غلطيءَ تي رڳو سوشل ميڊيا ۾ ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون. سنڌي اخبارن کي سٺي سنڌي لکندڙ ڪارڪن تمام گهٽ ٿا ملن. اڳ ۾ جيڪي نوجوان ايندا هئا، اهي پڙهيل ڳڙهيل هئا، پر هاڻ عام درسي ڪتابن جي ٻولي نوجوان کي اچي ٿي. ميڊيا جي پاسي سٺي سنڌي لکندڙ ۽ ڳالهائيندڙ ماڻهن جي تمام گهڻي کوٽ آهي.
ناليواري تعليمدان ادريس جتوئي چيو تہ تعليمي ادارن جي تدريس جي ٻوليءَ کي درست ڪرڻو پوندو ۽ بنيادي سطح کان اعلئ تعليمي ادارن جي استادن جي تربيت ڪرائڻ گهرجي ان سان گڏ جيڪي استادن جي تربيت جا ادارا آهن اهي استادن کي سنڌي جي تربيت ڪرائين.
سينئر صحافي ناز سهتي چيو تہ مختلف شعبن جي ٻوليءَ جي مينيوئل جيان صحافتي ٻوليءَ جو بہ مينيوئل ٺهڻ کپي جنهن ۾ مستند درست لفظ شامل هجن، ان کان سواءِ مختلف ادارن جا نالا جيڪي انگريزي ۾ آهن مثال طور پورٽ قاسم اٿارٽي وغيره انهن لاء سنڌي ۾ نالا تجويز ڪري اهي لاڳو ڪيا وڃن. هن چيو تہ لغتن ۾ ڪٿي غلطيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون اهي بہ درست ٿيڻ گهرجن.