-
ھَنڌُ:
حيدرآباد، سنڌ، 71000
-
سومر کان جمعو، 9 کان شام پنج
ڇنڇر ۽ آچر موڪل
- رابطو ڪريو
“سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم” جي افتتاحي تقريب
“سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم” جي افتتاحي تقريب
حيدرآباد 27ـ سيپٽمبر: 2022
سنڌ جي عالمن، اديبن، ٻولي ۽ لسانيات جي ماهرن ۽ سڄاڻ ڌرين چيو آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ جي مسيارجڻ جا اهم ڪارڻ، ٻوليءَ ڏانهن غير سنجيده رويو ۽ ان ٻوليءَ کي مسلسل نظر انداز ڪرڻ هوندا آهن، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏئي، ان کي دفتري ٻولي بڻايو وڃي ۽ سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مضمون لازمي طور پڙهايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن اڄ ممتاز مرزا هال حيدرآباد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران “سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم” جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي مهتاب اڪبر راشديءَ چيو ته سنڌي ٻوليءَ جي سماجي واهپي کي وڌائڻ ، ماڻهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جذبي کي اڀارڻ لاءِ اسان کي پنهنجا رويا مٽائڻا پوندا ۽ جديديت جي بهاني، پنهنجي ٻوليءَ ۾ پيدا ٿيندڙ بگاڙ کي روڪڻو پوندو نه ته اڳتي هلي اسان جي سنڌي ٻولي، خدا نه ڪري سنسنڪرت زبان وانگر رڳو ڪتابن ۾ محدود ٿي ناياب ۽ اڻلپ ٿي وڃي. هن چيو ته ڪنهن به ٻولي جي واڌ ويجهه گهر کان شروع ٿيندي آهي، تنهن ڪري سنڌ توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين کي گهرجي ته اهي پنهنجن ٻارن کي ٻين ٻولين جا لفظ سيکارڻ بدران نج سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ڳالهائڻ لاءِ اتساهين. هن مثال ڏيندي ٻڌايو ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ 'ماسي" جو لفظ موجود هوندي به, گهڻي ڀاڱي سنڌين جا ٻار ان کي چالا چوندا آهن، پڦي جو لفظ هوندي به ان کي بوا ۽ چاچي کي آنٽي سڏيو وڃي ٿو. هن چيو ته اهڙي روش سان اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو، جنهن کي روڪڻ وقت جي ضرورت آهي _ هن چيو ته اسان جو اردو سميت ڪنهن به ٻي زبان سان ڪو تضاد نه آهي، پر ڇاڪاڻ ته اسان جي مادري زبان سنڌي آهي، جنهن کي تحفظ ڏيڻ ۽ ان جي واڌ ويجهه لاءِ سمورن سنڌين کي اڳتي اچي لاڀائتو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جيڪو اسان جي وجود لاءِ ضروري پڻ آهي.تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي اردوءَ جي وڏي عالم ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر جعفراحمد چيو ته مادري زبان ڪهڙي به فن کي سمجهڻ ۾ تمام گهڻي مددگار ثابت ٿئي ٿي هن چيو ته اردو زبان کي اسان جي رياست ۾ قومي ٻوليءَ جو درجو مليل آهي، پر ان باوجود به اسان جي سرڪاري ادارن ۾ لکپڙهه انگريزيءَ ۾ ڪئي وڃي ٿي هن چيو ته 75 سال گذري وڃن کانپوءِ به اسان تي اڃان تائين انگريزين جو اثر آهي _ هن چيو ته ڪجهه ماڻهو انگريزي ڳالهائي پاڻ کي هوشيار سمجهن ٿا پر ائين ڪڏهن به ناهي _ هن چيو ته قومون پنهنجي ٻولي ، ثقافت ۽ تاريخ سان سڃاتيون وينديون آهن _
ان موقعي تي ڳالهائيندي تاج جويو چيو ته 1972 ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ايڪٽ پاس ڪيو ويو پر خبر نه آهي، ڪهڙن سببن ڪري بدقسمتي سان ان تي عملدرآمد ٿي نه سگهيو _ هن چيو ته سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي حيثيت 1972 ۾ پاس ڪيل ايڪٽ تحت بحال ڪئي وڃي _ هن گهر ڪئي ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي سمورن سرڪاري ادارن توڙي نجي ادارن ۾ لکڻ پڙهڻ سنڌي ۾ ڪئي وڃي خاص طور تي سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ يونيورٽي کي پنهنجو ڪاروهنوار سنڌي ۾ هلائڻ گهرجي _ هن چيو ته ون يونٽ جي زماني ۾ رستن، ڳوٺن ۽ ادارن جا ٻين ٻولين سان گڏ صحيح اچارن ۾ سنڌي ۾ به لکيا ويندا هئا، پر بدقسمت سان اها روش ختم ٿي وئي جنهن مان لڳي ٿو ته سنڌي ٻولي ميسارجڻ ڏانهن وڃي پئي _ هن چيو ته جن قومن پنهنجي ٻولي ۽ تهذيب جي تحفظ لاءِ ڪوششون نه ورتيون انهن قومون جو وجود ختم ٿي ويو ۽ اهي قومون جيڪا ٻولي ڳالهائينديون هيون سي ميسارجي ويون _ هن گهر ڪئي ته پاڪستان جي سنڌ صوبي ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي سنڌي ٻولي کي اسڪولن ۽ ادارن۾ لازمي قرار ڏنو وڃي. هن، سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي انتظاميا کي اپيل ڪئي ته نيشنل هائي وي اٿارٽي سميت پرائيويٽ ادارن کي خط لکي پنهنجي مصنوعات ۽ روڊن رستن تي ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻولي به لازمي طور لکرائڻ لاءِ پابند ڪن. هن چيو ته پرائيويٽ شعبي کي پابند ڪيو وڃي ته اهي پنهنجن پيداواري شين تي ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻولي به لازمي لکن. هن مثال ڏيندي چيو ته گڏيل عرب امارات ۾ جيتوڻيڪ 90 سيڪڙو غير مقامي ماڻهو آهن ۽ اتي صرف 10 سيڪڙو اصلوڪا رهواسي آهن، پر اتي هر شئي تي عربي تحرير ٿيل هجي. هن چيو ته اسان شعوري يا لاشعوري طور سنڌي ٻوليءَ کان پري ٿيندا پيا وڃون، جنهن سان مستقبل ۾ اسان جي ٻوليءَ لاءِ تمام گهڻا خطرا ۽ چيلنج ايندا، ان لاءِ ضروري آهي ته اسان جي گهرن جي درن تي لڳل تختين کان وٺي سمورو ڪاروهنوار سنڌي ۾ ڪرڻ گهرجي هن گهر ڪئي ته سنڌي ،ادبي بورڊ جي اڳوڻي لوگو کي بحال ڪيو وڃي، جيڪو موهن جي دڙي وارو لوگو هوجيڪو اسان سنڌين جي شاهڪار تهذيب جو اهڃاڻ آهي ۽ سڄي دنيا ۾ اسان سنڌي موهن جي دڙي جي تهذيب جي ڪري ڄاتا سڃاتا وڃون ٿا
ان کان اڳ آجياڻو پيش ڪندي سنڌي ٻوليءَ جي بااختياراداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي تقريب جي مقصدن تي روشني وجهندي چيو ته “سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم” هلائڻ جو مقصد ٻولي جي وارثن کي سنڌي ٻولي جي افاديت ۽ اهميت کان اجاگر ڪرڻ آهي نه ته اسان جو نئون نسل شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ کي به خوشحال خان خٽڪ وانگر رڳو شاعر ئي سمجهندو. هن چيو ته اهڙيون تقريبون پوري سنڌ۾ ملهايون وينديون، جيڪي 21 فيبروي 2023 تائين هلنديون، جنهن جو مقصد پنهنجي ٻوليءَ جي بقا ۽ وجود کان نئين نسل کي متعارف ڪرائڻ آهي- هن چيو ته سنڌ جي تهذيب تمام گهڻي شاندار آهي، جنهن جا اهڃاڻ موهن جي دڙي مان ملن ٿا، جنهن جي لپيءَ کي اڃا پڙهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هن مهل دنيا ۾ 5 ڪروڙ ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائڻ وارا موجود آهن ۽ دنيا جي 7 هزار کان وڌيڪ ڳالهائيجندڙ عظيم ٻولين مان سنڌي ٻولي 106 نمبر تي آهي. هن چيو ته دنيا جي 7 هزار کان وڌيڪ عظيم ٻولين مان ڪيتريون ئي ٻوليون مري چڪيون آهن، مثال طور تي سنسڪرت ٻولي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ هڪ شاهڪار زبان هئي، جنهن مان لڳ ڀڳ 7 هزار ٻولين، اتان نڪري پنهنجي نئين وجود نئون نالو ۽ شڪل اختيار ڪنديون ويون پر سنسڪرت ميسارجي وئي ۽ هاڻي جهڙوڪر سنسڪرت بلڪل ئي ختم ٿي وئي آهي، جنهن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ 1969 ۾ طئي ڪيو ويو ته سال ۾ هڪ ڏهاڙو سنسڪرت جي ياد ملهايو ويندو. هن ٻيو مثال ڏيندي ٻڌايو ته انگريزي زبان ۾ ڪيترائي لفظ لاطيني ٻوليءَ جا آهن پر بدقسمتيءَ سان هاڻي لاطيني ٻوليءَ به هڪ ورثو رهجي وئي آهي پاڪستان ۾ هن وقت ساڍا 7 سيڪڙو ماڻهو اردو ڳالهيندڙ موجود آهن. هن چيو ته اسان جو مقصد ڪنهن به زبان سان نفرت ڪرڻ نه پر اسان پاڪستان جي سمورين اصلوڪين ٻولين کي بچائڻ چاهيون ٿا _ هن اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ۽ اسان جو ساٿ ڏين تقريب کي جامي چانڊيو ، رفيعه ملاح ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو _ ان موقعي تي سنڌي ٻولي جي گوگل تي جوڙيل ايپ جو محترمه مهتاب اڪبر راشدي کان افتتاح ڪرايو ويو_ تقريب ۾ اديبن ، شاعرن ، دانشورن ، عورتن ۽ مردن کان علاوه سنڌيونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي سمورن شاگردن شرڪت ڪئي _
- شيئر :
ھاڻوڪيون تحريرون
-
ٻارن لاءِ شاھہ لطيف جو ميلو-اسلام…02 نومبر، 2024ع
-
گهڻ ٻوليائي تعليم، مختلف نسلن ۽…21 فيبروري، 2024ع
-
سنڌي ٻوليءَ جو دفتري استعمال-آن لائين…29 آگسٽ، 2023ع
-
تحقيقي مقالي لکڻ جو فن ۽…24 آگسٽ، 2023ع
-
سنڌي آئيويٽا جي ڏينھن جي مناسبت…13 جولاءِ، 2023ع