ٻارن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران 19 ۽ 20 نومبر 2022 تي " سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ٻارن جو ادب : نوان لاڙا ،موضوع ۽جديد گهرجون" جي عنوان هيٺ ٻن ڏينهن جي 'قومي ڪانفرنس' ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ ٿي گذري. افتتاحي تقريب جي صدارت اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي ڪئي، جڏهن تہ ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ، محترم اياز گل، ڊاڪٽر ادل سومرو، شھید الهه بخش سومرو يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر، سنڌ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق ميمڻ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. افتتاحي دوران قاسم گرلز هائي اسڪول جي شاگردياڻين ٽيبلو پيش ڪيو. تقريب کان پوءِ " دنيا ۾ ٻارن جي ادب جا نوان موضوع، رجحان ۽ صورتون" جي عنوان هيٺ پھريون سيشن ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر ادل سومري، ڊاڪٽر تهمينہ مفتي ،مختيار ملڪ ياسر قاضي پنهنجا ويچار ونڊيا. ڪانفرنس جي پھرئين ڏينهن ٻارن جي مشهور ليکڪ اياز پاٽولي سان مختصر رهاڻ کانپوءِ کيس ٻاراڻي ادب جي خدمتن تي لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ به ڏنو ويو. ساڳيو ايوارڊ نامياري ليکڪ پرواني سيوهاڻي لاءِ به رکيل هو، جيڪو پروگرام ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو. رات جو " ٻالڪ سُر منڊل" جي سري هيٺ ڳائڻ جي مقابلي ۾ مختلف علائقن کان آيل ٻارن پنهنجي آواز ۾ گيت پيش ڪيا، انهن کي انعام پڻ ڏنا ويا.
ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن تي " سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ٻارن جو ادب" جي عنوان هيٺ سيشن ٿيو، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر علي مرتضئ ڌاريجي ڪئي. سيشن ۾ ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر منظور ويسريي،آئشا حميد ۽ سعيد احمد سميجي لاڳاپيل موضوع تي ڳالهايو سيشن جي ميزباني امر فياض ٻرڙي ڪئي.
ٻئي ڏينهن " پاڪستان ۾ لکجندڙ ٻارن جو ماضي، حال ۽ مستقبل " جي عنوان هيٺ سيشن پڻ ٿيو، جنهن جي صدارت الطاف ملڪاڻي ڪئي، جڏهن تہ اردو جي پروفيسر سليم مغل، پنجاب کان آيل ليکڪ جي پروفيسر اشرف سهيل، بلوچي ٻوليءَ جي ليکڪ نور محمد جمالي، براهوي محقق نذير شاڪر بروھي ۽ اردوءَ جي محبوب الاهي خطاب ڪيو." هن سيشن جو ميزبان محمد وسيم خان هو.
" ٻارن جي روشن مستقبل ۾ ادب جو ڪردار" جي عنوان هيٺ ٿيل سيشن جي صدارت ڊاڪٽر پرون موسئ ميمڻ ڪئي، سيشن جو ميزبان شوڪت چاچڙ هو. هن سيشن ۾ حسيب ڪانهيي، ضمير عباس ابڙي، زبير سومري ۽ خليل جبار ويچار ونڊيا.
"ٻارن جا رسالا ۽ اشاعتي ادارا " جي عنوان هيٺ ٿيل سيشن ۾ نذير ناز، انور سومري ۽ محمد علي ماجد پنهنجا ويچار ونڊيا ،واحد پارس هيسباڻي ميزباني ڪئي." درسي ڪتابن ۾موجود ٻارن جو ادب ۽سنڌيءَ جي تدريس " جي عنوان هيٺ سيشن جي صدارت پروفيسر ادريس جتوئي ڪئي، عبدالرزاق چنا، علي عابد، غلام مصطفئ سولنگي ۽ عبدالوحید ڪلوڙ مقالا پڙهيا.
"ڪهاڻين ٻڌائڻ جو دور" ۾ نذیر ناز، زيب نظاماڻي، ڊاڪٽر تهمينہ مفتي ،گلبدن جاوید مرزا ۽ حميرا ناز ڳالهايو، ميزبان پروفيسر شبنم گل هئي. آخر ۾ شاهنواز ڀٽيء جي لکيل ۽ سندس ڊائريڪشن ۾ اسٽيج ڊرامو "الف اک ب بدڪ" پيش ڪيو ويو. ٻاهرين پنڊال ۾ ٻارڙن گيت پڻ ڳايا. قومي ڪانفرنس ۾ شريڪ مهمانن کي شيلڊون پڻ ڏنيون ويون. اختتامي ويهڪ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي ٻن ڏينهن جي قومي ڪانفرنس ۾ شريڪ ماڻهن جا ٿورا مڃيا.