18 جولاءِ، 2022ع
اداري پاران بنيادي سنڌي سکيا ڪورس جي سلسلي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاء چئن هفتن جي ڪورس جو افتتاح ڪيو ويو
سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران بنيادي سنڌي سکيا ڪورس جي سلسلي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاء چئن هفتن جي ڪورس جو افتتاح ڪيو ويو، اداري جي سيڪريٽري پروفيسر شبنم گل ۽ ٻين عملدارن افتتاح ڪري ڪلاس جي شروعات ڪئي. افتتاح کان پوءِ تعارفي ويهڪ ٿي ان موقعي تي سيڪريٽري پروفيسر شبنم گل مخاطب ٿيندي چيو تہ " ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ والدين کان ورثي ۾ مليل ٻولي ۾ سکڻ سان وڌيڪ ڪاميابيون ملنديون آهن ۽ اها سکيا ۽ تعليم ڪارائتي ثابت ٿيندي آهي، اسان جي ڪوشش رهي آهي ۽ اداري جو اهم مقصد پڻ آهي تہ وڌ کان وڌ نج ۽ درست سنڌي جو استعمال ٿئي ان ڪري ئي شاگردن کي بنيادي سنڌي سکيا جا ڪورس شروع ڪيا آهن. هن چيو تہ اسان سوشل ميڊيا ذريعي پڌرو ڪيو تہ محدود وقت ۾ بي شمار شاگردن دلچسپي ڏيکاري ۽ داخلا ورتي اڄ بهريون ڏينهن آهي اميد تہ هي سلسلو توقعات مطابق نتيجا ڏيندو. هن وڌيڪ چيو تہ اداري جي بورڊ آف گورنرس جي جوڙيل "سنڌي سکيا ڪميٽيءَ" جي ميمبرن پڻ سنڌي سکيا جي ڪلاسن جي شروعات جو فيصلو ڪيو ھو ، جنهن تي عملي قدم جي صورت ۾ ڪلاس شروع ڪيا پيا وڃن، جڏهن تہ ان سلسلي ۾ ثقافت ۽ تعليم کاتي جي وزير سيد سردار علي شاھ پڻ سنڌي سکيا ڪلاسن ۽ استادن لاء تربيتي پروگرامن جي شروع ڪرڻ لاء ھدايتون ڏنيون ھيون ۽ ان سلسلي ۾ مڪمل سھڪار جو يقين ڏياريو ھو. اداري جي نگران چيئرمن ڊاڪٽر عبدالغني سھتي صاحب پڻ سنڌي سکيا جي حوالي سان خاص دلچسپي ڏيکاري ـ سکيا ڪورس جي تعارفي ويهڪ ۾ سنڌي سکيا پروگرام جي انچارج سليم جروار چيو تہ سنڌي سکياڪلاس اڳي به اداري پاران ھلايا وياآھن ـ سنڌي سکيا اداري جي مکيه ڪمن مان ھڪ اھم سلسلو آھي ـ شاگردن جي دلچسپي ڏسي خوشي ٿي ۽ ارادو آهي تہ هن سلسلي کي پوري سنڌ ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪنداسين جنهن لاء سماج جي ساڃاه وند ڌرين جي سھڪار جي ضرورت آهي. سنڌي سکيا لاء سنڌي جي استاد ۽ ليکڪ ساجد چانڊيو کي مقرر ڪيو ويو آهي.