ريسرچ ۽ پبليڪيشن شعبو

ريسرچ ۽ پبليڪيشن شعبو

ثقافت کاتي جي دفتري نمبر 2019/1-11/So(G)/CT&AD جي حوالي سان سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972 جي شق نمبر 7 هيٺ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي نئين ڍانچي جي جوڙجڪ موجب ’ريسرچ ۽ پبليڪيشن شعبو‘ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو نگران ڊپٽي ڊائريڪٽر، ريسرچ ۽ پبليڪيشن شعبو آهي. جڏهن ريسرچ شعبي جو انچارج اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ريسرچ آهي ۽ ساڳئي وقت پبليڪيشن شعبي جو انچارج اسسٽٽ ڊائريڪٽر پبليڪيشن آهي.ريسرچ شعبي ۾ هن وقت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ڪم هلي رهيو آهي، جڏهن ته پبليڪيشن شعبي ۾ مختلف ڪتابن جي تياريءَ جو ڪم جاري آهي. هن وقت تائين ڪل 329 ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا ويا آهن، جيڪي مختلف موضوعن سان واسطو رکن ٿا.

  • سربراھ:

    محمد امين لغاري
    (ڊائريڪٽر )

شيئر ڪريو: