سنڌو لکت عجائب گهر شعبو

سنڌو لکت عجائب گهر شعبو

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي مکيه مقصدن ۾ ٻين ڪيترن ئي اهم رٿائن سان گڏ انڊس اسڪرپٽ ميوزيم ۽ لئنگئيج ليبارٽري قائم ڪرڻ به شامل رهيو آهي. ڇاڪاڻ جو اسان وٽ اڃا تائين سنڌولکت جي ڀاڃ وارو ڪم اڻپورو آهي. ان ڳالهه کي مد نظر رکندي اداري جي اڳوڻي چيئرمئن ڊاڪٽر محمد علي مانجهي هن رٿا کي اداري جي بورڊ آف گورنرس جي اڳيان پيـش ڪيو. بورڊ آف گورنرس جي منظوريءَ کان پوءِ اٿارٽيءَ ۾ باقاعده هيءُ سنڌو لکت عجائب گهر شعبو قائم ڪري ڪم جي شروعات ڪئي وئي آهي. سنڌو لکت جي پراڻن نمونن، سنڌيءَ جا رسم الخط ۽ ٻيون لاڳاپيل شيون فريم ڪري لڳايون ويون آهن. جيئن ته هي ابتدائي قدم آهي، هن تي اڃا گهڻو ڪم ڪرڻ جو پلان آهي. جنهن ۾ سنڌو لکت جي ڀاڃ متعلق سمورو مواد هٿ ڪري سجائي رکڻ، پراڻي لکت جا سمورا نمونا هٿ ڪرڻ، سنڌي رسم الخط جا 200 اسڪرپٽ رنگين هٿ ڪرڻ، موهن جي دڙي تي وڃڻ۽ ٻوليءَ جي عالمن، آرڪيالاجيءَ جي ماهرن سان صلاح مشورا ڪري ان تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ شامل آهي .سنڌو لکت عجائب گهر شعبي جي انچارج محترمه ڪلثوم ميمڻ آهي.

  • سربراھ:

    ڪلثوم ميمڻ
    (انچارج )

شيئر ڪريو: