عمومي پڇيا ويندڙ سوال

عام پڇيا ويندڙ سوال - FAQs

سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال.
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو قيام، سنڌ اسيمبليءَ جي پاس ڪيل قانون: ”سنڌ ايڪٽ 1972ع (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال) ۽ سنڌ ترميمي ايڪٽ 1990ع (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال)“ هيٺ عمل ۾ آيو. هيءُ هڪ خودمختيار ادارو آهي.
اداري جو مک دفتر حيدرآباد سنڌ ۾ قائم آهي. 2023ع کان ڪراچيءَ ۾ پڻ سب آفيس قائم ڪئي وئي آهي.
سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي انتظامي ڪنٽرول هيٺ هلندڙ هيءُ خودمختيار ادارو بورڊ آف گورنرس تحت هلايو وڃي ٿو. اٿارٽيءَ جي قيام واري وقت کان وٺي، مختلف عالم اديب هن اداري جا چيئرمئن رهندا آيا آهن، جن وقت بوقت پنهنجي علمي ۽ ادبي قابليت ۽ استعداد سان سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ڪم ڪيو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ هيءُ ادارو ڪانفرنسون، ورڪشاپ، سيمينار، آنلائن سيشن ڪرائڻ سان گڏ سکر، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌي سکيا مرڪز پڻ هلائي ٿو. جڏهن ته سنڌي ٻولي سکيا جي خواهشمندن لاءِ هڪ آنلائن سنڌي سکيا ڪورس پڻ ڪرائي ٿو. ساڳئي وقت سنڌي لغات، ٻوليءَ بابت تحقيقي ڪتابن جي ڇپائي، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۽ تحقيقي جرنلن جو اجراءُ پڻ ڪري ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽائزيشن جي منصوبن تي ڪم ڪري ٿو، مختلف سافٽ ويئر ۽ آنلائن ٻوليءَ جي ڄاڻ مھيا ڪري ٿو
سنڌي ٻوليءَ بابت ڪتاب اداري جي قليچ ڪتاب گهر ۽ سنڌ جي مخصوص ڪتاب گهرن تي دستياب آهن. اداري پاران جوڙيل ويب سائيٽن تي موجود آن لائين ڪتاب پڻ پڙھي سگهجن ٿا. تحقيق لاءِ ايندڙ ماڻهو اداري جي لائبريريءَ مان پڻ مدد حاصل ڪن ٿا
ها، ڪيترائي ڪتاب ۽ مواد PDF فارم ۾ ويب سائيٽ تان مفت ڊائونلوڊ ڪري سگهجن ٿا.
بلڪل، جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ بابت ڪا نئين ۽ اڻ ڇپيل تحقيق آهي ته اداري وٽ جمع ڪرائي سگهجي ٿي. ادارو پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي جائزي ۽ منظوريءَ کان پوءِ شايع ڪرائي سگهي ٿو.
محقق اٿارٽي جي تحقيقي شعبي، انسائيڪلوپيڊيا شعبي ۽ لائبريري انچارج سان رابطو ڪري سگهن ٿا، جتي تحقيق لاءِ مواد ۽ سھڪار فراهم ڪيو وڃي ٿو.
ها، سنڌي ٻولي سکڻ لاءِ روبرو توڙي آن لائين مفت ڪلاس حيدرآباد، ڪراچيءَ ۽ سکر ۾ هلايا وڃن ٿا ، رجسٽريشن لاءِ ڏنل لنڪ https://sl.sindhila.org/forms/detail/Sindhi-Sikhiya-Course تي فارم ڀري سگهجي ٿو.
ويب سائيٽ تي موجود رابطو جي بٽڻ فارم يا آفيس جي فون/اي ميل ذريعي رابطو ڪري سگهو ٿا.
ويب سائيٽ تي اشاعتي شعبي جي صفحي (https://sl.sindhila.org/category/books) تان ڪتابن جي فھرست ۽ قيمتون ڏسي سگهجن ٿيون.
ها، ادارو سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ شھيد بينظير يونيورسٽي نوابشاهه سان گڏيل سھڪار تحت سکيا جا پروگرام هلائي رهيو آهي
اداري جي ويب سائيٽ، سوشل ميڊيا پيجن، لائبريري، پبليڪيشن ۽ ٿيندڙ پروگرامن ذريعي سنڌي ٻوليءَ سان لاڳاپيل علم ۽ مواد تائين پھچ ممڪن آهي. جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ بابت ايم. فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگردن کي اسڪالرشپ پڻ ڏني وڃي ٿي
ها، شاگردن کي تحقيق، مقالن جي لکڻ، ۽ علمي سرگرمين ۾ شامل ٿيڻ جا موقعا مھيا ڪيا وڃن ٿا
ها، ادارو سنڌي ٻوليءَ لاءِ آن لائين لغتن، اينڊرائيڊ ايپس ۽ ڪتابن جي ڊجيٽائيزيشن تي ڪم ڪري رهيو آهي.
، اداري طرفان ٿيندڙ سيمينارن، ڪانفرنسن، ورڪشاپن توڙي سنڌي سکيا جي ڪلاسن ۾ سڀن کي شرڪت جي عام ڪوٺ هوندي آهي