پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي سنڌ جو ناميارو محقق ۽ تعليمي ماهر  آهي، سندس پي ايڇ ڊي مقالي جو عنوان ‘ شاهه عنايت شھيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر‘ آهي. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمئن ۽ ثقافت کاتي ۽ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل پڻ رهيو آهي. ان کان اڳ علامه اقبال اوپن يونويرسٽيءَ جي ريجنل ڊائريڪٽر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏيئي چڪو آهي. مانجهي صاحب جي ڇپيل (طبعزاد، تحقيق ۽ ترتيب ڏنل)  ڪتابن جو تعداد 18 آهي جيڪي   مختلف ادارن مان شايع  ٿيل آهن .

ٻوليءَ ۽ ادب جي موضوعن تي ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جا لکيل مقالا ۽ مضمون مختلف تحقيقي جرنلن، رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن. 

سندن ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:

1.’سدا سرها گل ‘(روهڙئَ جا صوفي بزرگ) 2001ع سکر هسٽاريڪل سوسائيٽي سکر

2.  ‘صوفي شاھ عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر’ 2010ع ثقافت کاتو حڪومت سنڌ

3. ‘ننگر ٺٽو هڪ مطالعو’2010ع  ثقافت کاتو حڪومت سنڌ

4. ‘قلندر لعل شهباز احوال ۽ آثار’ 2010ع ثقافت کاتو حڪومت سنڌ

5. ‘مڪلي ۽ مانجهي’ (شاعري) 2001ع پرک پبليڪيشن ڪراچي

6. ‘جهڙي سج ڪڪور’ (شاعري) 2010ع سنڌ پبليڪيشن ڪراچي

7. ’ڪي‘ ماڻهو تاريخ ٿين ٿا’ 2008ع سنڌ نيشنل پبليڪيشن 

8. ‘ سُر آسا’ (ترتيب) 2009ع ثقافت حڪومت کاتو سنڌ

9. ‘سُر پرڀاتي’ 2010ع ثقافت حڪومت کاتو سنڌ

10. ‘سُر پورب’2011ع ثقافت حڪومت کاتو سنڌ

11. ‘جھڙي سونهن سندياس’ 2012ع ثقافت حڪومت کاتو سنڌ

12. ’مون ۾ تون موجود‘ 2013ع ثقافت حڪومت کاتو سنڌ

13. ’شاھ عبداللطيف ڀٽائي، مقالا ۽ مضمون‘ ڊاڪٽر بلوچ  2012ع (ترتيب) ثقافت  کاتو حڪومت سنڌ

14. ’سنڌ جا قديم آثار ۽ تاريخ، مقالا ۽ مضمون‘ ڊاڪٽر بلوچ 2012ع ثقافت حڪومت کاتو سنڌ

15. ’مون ڏات انوکي آندي آ‘  2012ع ثقافت حڪومت کاتو سنڌ 

16. ’مضمون ۽ مقالا_ ڊاڪٽر بلوچ‘ 2019ع ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ ڄامشورو

17. سنڌي ٻولي ۽ لکت جو علمي اڀياس

18. سنڌ جا قديم سامونڊي بندر



شيئر ڪريو: