ڊاڪٽر محمد علي مانجهي سنڌ جو ناميارو محقق ۽ تعليمي ماهر آهي، سندس پي ايڇ ڊي مقالي جو عنوان ‘ شاهه عنايت شھيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر‘ آهي. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمئن ۽ ثقافت کاتي ۽ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل پڻ رهيو آهي. ان کان اڳ علامه اقبال اوپن يونويرسٽيءَ جي ريجنل ڊائريڪٽر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏيئي چڪو آهي. مانجهي صاحب جي ڇپيل (طبعزاد، تحقيق ۽ ترتيب ڏنل) ڪتابن جو تعداد 18 آهي جيڪي مختلف ادارن مان شايع ٿيل آهن .
ٻوليءَ ۽ ادب جي موضوعن تي ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جا لکيل مقالا ۽ مضمون مختلف تحقيقي جرنلن، رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن.
سندن ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
1.’سدا سرها گل ‘(روهڙئَ جا صوفي بزرگ) 2001ع سکر هسٽاريڪل سوسائيٽي سکر