عزيز ڪنگراڻي

عزيز ڪنگراڻي

نامـور ڪـھاڻيڪـار، ڊرامانگار، شاعر ۽ محقق، عزيز ڪنگراڻيءَ جو پورو نالو عزيزالله ولد سومار خان ڪنگراڻي آهي. پاڻ 1981 ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. 1984ع ۾ ترقي ڪري جي. ايس. ٽي طور مڊل اسڪول مانجهند مقرر ٿيو. 1986ع ۾ ايڇ. ايس. ٽي طور ترقي ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ ۾ سائنس ٽيچر مقرر ٿيو. 1993ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ اسلامڪ ڪلچر ۽ سنڌيءَ جي مضمونن ۾ پاس ٿيو. پوءِ سنڌيءَ جي چونڊ ڪري 1993ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جوهيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. جتان ترقي ڪري اسسٽنٽ پروفيسر پوءِ 2013ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج واهي پانڌيءَ ۾ پرنسپال مقرر ٿيو.

عزيز ڪنگراڻي ڪھاڻين کان سواءِ شاعري، مضمون، تنقيدي مقالا ۽ تحقيقي مقالا پڻ لکيا آهن. سندس ڪيترائي ڊراما ريڊيو پاڪستان ٽيليويزن ۽ ٻين سنڌي چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن. سندس ٻين مشهور پي ٽي وي ڊرامن ۾: اولڙاء عڪس،وسڪاري ، شفق، زندگيءَ جو امر گيت، سمنڊ تي لڪير، چاند، محبتن جو الميو، پاڻيءَ تي ليڪا، اردو ڊراما سيريلز ۾: جيت، جلتي سورج ڪي نيچي، سنڌي سيريل ڪونج، ڪنارو، ڇوٽڪارو ۽ وفائن کان پوءِ قابل ذڪر آهن. ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي ڊراما سيريل ۾: ڳاڙهي، ڪڏهن ته مـلـنداسين، ڪـارو سـج، خـالي هـٿ، دام، هـوءَ منهنجي نه هئي، پيار گرهڻ، ڪا سار ته لهبي آ، عشق آتش، وڇوٽي جي لڪير وغيره قابل ذڪر آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: سنڌ پري (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون: 1999ع)، روڳ (ڪهاڻيون: 2005ع)، تڙ تڙ تي طوفان (شاعري: 2005ع)، ڪاڇو هڪ اڀياس (تحقيق: 2009ع)، اکر اکر آرسي (استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي لغت: 2009ع)، دادو ائٽ اي گلانس (مرتب: 2011ع)، سنڌ ٽوئرزم آرڪيالوجيڪل جرني (2012ع)، گورک مٿي چنڊ (شاعري 2016ع)، تاريخ جا ترورا (تحقيقي مضمون: 2016ع) ۽ پيار گرهڻ (ڪهاڻيون: 2017ع) قابل ذڪر آهن. کيس خدمتن طور ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ ايم اي گولڊ ميڊل (سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، 1990ع)، ڪينجهر مئگزين طرفان تحقيق تي اوارڊ (1994ع)، ثقافت کاتي طرفان لال شهباز اوارڊ (1995ع)، پي ٽي وي طرفان بهترين ڊرامانگار اوارڊ (2001ع)، ڪي ٽي اين طرفان بهترين ڊرامانگار اوارڊ (2011-2001-2003ع)، سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ طرفان مادر وطن اوارڊ (2003ع)، سچل آرٽ ڪلب ڪراچيءَ طرفان بهترين ليکڪ اوارڊ (2007ع)، استاد بخاري اڪيڊمي دادوءَ طرفان تحقيق نگار اوارڊ (2008ع)، سياحت، ثقافت کاتي طرفان بهترين محقق شيلڊ (2012ع)، سنڌ ٽي وي طرفان بهترين ڊرامانگار اوارڊ (2015ع)، قابل ذڪر آهن.


شيئر ڪريو: