حيدرآباد، سنڌ، 71000
ڇنڇر ۽ آچر موڪل
نامور محقق ، شاعر ۽ مترجم فياض لطيف جو اصل نالو بشير احمد ولد محمد حسن چانڊيو آهي. ايم اي ڪرڻ کانپوءِ ھن سچل چيئر شاھ لطيف يونيورسٽي ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ طور ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ سنڌي مضمون ۾ ليڪچرار رهيو. هُو ۲۰۰۲ع کان ليڪچرار سنڌي طور ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي. هُو ”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات“ موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پِي ايڇ.ڊِي ڪئي اٿس. هو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر پڻ رھيو آھي.
ھن مشهور فلسفِي رجنيش اوشو جو ڪتاب ”خدا، زندگي، محبت ۽ موت“ ، اوريانا فلاسي جو ناول ”اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط“،”اوشو جي آتم ڪهاڻي“ترجمو ڪيا آھن جڏھن تہ ، شاعريءَ جو مجموعو ”چنڊُ ڪڪر جي اوٽ“ ۽ سندس لکيل ادبي خطن جو مجموعو ”خط، خوشبو، خواب“ ڇپجي چُڪا آهن.ھن شيخ اياز جي لغت ۽ ميين شاھ عنات رضوي ءَ جي لغت پڻ ترتيب ڏني آھي. کيس ”ڪينجهر ترجمو ايوارڊ“، انٽرنيشنل صوفي فائونڊيشن لاڙڪاڻي پاران ”فقير بخش علي ابڙو ايوارڊ“ ۽ سچل ادبي مرڪز پاران ”پير حسام الدين راشدي ايوارڊ ملي چڪا آهن.