حيدرآباد، سنڌ، 71000
ڇنڇر ۽ آچر موڪل
نامور شاعر ۽ اديب علي دوست عاجز جو پورو نالو علي دوست ولد محمد خان گانئچو آهي.پاڻ ابتدا ۾ ھاءِ اسڪول ۾ استاد طور نوڪري ڪيائين، 1996ع کان سيلز ٽيڪس کاتي ۾ سينئر آڊيٽر مقرر ٿيو. 2008ع ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر ۽ 2013ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر سيلز ٽئڪس ٿيو ۽ 2024 ۾ ريٽائر ڪيائين. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جو نامور شاعر ۽ تخليق ڪار آھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’خوشبو خوشبو خواب‘ (2000ع)، ’جھڙا تارا جرڪڻا‘ (ٻارن لاءِ شاعري: 2002ع)، ’اچن ڀنؤر ڀنڀوليا‘ (2003ع)، ’سوني باگو‘ (اوپيرا: 2004ع)، ’آديسي استاد (استاد بخاري ڏات ۽ ذات 2005ع)‘ ’رنگ رتو آڪاس‘ (2009ع)، ’سائر جو سوداءُ‘ (2013ع)، ’رتا روهيڙا‘ (2017ع)، ’ڪُونجان‘ (اوپيرا 2018ع)، ’ٽانڊاڻا ٽانڊاڻا رات‘ (ٻارن لاءِ شاعري 2018ع)، ’مون کي چڙن چوريو‘ (گيت 2019ع ۽ ’مٿي ڪُلھن ڪينرا‘ (خاڪا 2019ع) شامل آهن. ان کان سواءِ استاد بخاريءَ جي غزلن چوسٽن ۽ لنڊن جي ڊائري ۽ شاعريءَ کي ترتيب ڏئي ڇپائن جو ڪم ڪيو. ’آديسي استاد‘ ڪتاب تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ ’ٽانڊاڻا ٽانڊاڻا رات‘ ڪتاب تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۽ سنڌالاجيءَ طرفان بھترين ڪتاب جا اوارڊ مليا. آگسٽ 2023ع ۾ ادبي خدمتن جي مڃتا طور حڪومت پاڪستان طرفان کيس تمغئه امتياز سان نوازيو ويو آهي.