حيدرآباد : 1 آڪٽوبر 2022،
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران 'سنڌي صورتخطي: مسئلا ۽ حل' عنوان سان هڪ ورڪشاپ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ناميارن عالمن، اديبن ۽ صحافين ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي، تاج جويي، ڊاڪٽر ادل سومري، ڊاڪٽر آفتاب ابڙي، پروفيسر نوراحمد جنجهي، ڊاڪٽر مخمور بخاري، ڊاڪٽر شير مهراڻي، ادريس جتوئي، عزيز ڪنگراڻي، ڊاڪٽر شازیہ پتافي، ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيي، ڊاڪٽر عبدالقدير ڪانڌڙي، ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجي، سهيل سانگي، ناز سهتي، علي آڪاش، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي، ڊاڪٽر احسان دانش، ڊاڪٽر ڦلو مينگھواڙ، ڀارو مل امراڻي، جمن احمداڻي، ۽ امين لغاري شرڪت ڪئي.
چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي ۽ سيڪريٽري شبنم گل مهمانن جي آجيان سان گڏ ورڪشاپ ۾ ٿيندڙ بحث کي سهيڙيو.
ورڪشاپ ۾ سنڌي صورتخطيءَ جي مسئلن، جهڙوڪ هڪ وڌيڪ صورتن ۾ لکجندڙ لفظن کي ترجيحي صورت ڏيڻ، ٻين ٻولين جي لفظن جي استعمال کي گهٽائي سنڌي اصطلاحن ۽ لفظن کي مروج ڪرڻ ۽ ٻين نُڪتن تي بحث ڪيو ويو. ورڪشاپ دوران سفارشون مرتب ڪيون ويون ۽ ان سلسلي کي اڳتي وڌائڻ جو ارادو پڻ ڪيو ويو.