سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران "لکڻي، ان جي ايڊيٽنگ ۽ پروف پڙهڻ جي فن" بابت هڪ سکيا ورڪشاپ، اداري جي ڊاڪٽر بلوچ هال ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ علمي ادبي ادارن جي ڪارڪنن، سرڪاري ۽ نجي اشاعتي ادارن ۾ ڪم ڪندڙن، صحافين، اديبن، شاگردن ۽ استاد جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي.
ورڪشاپ ۾ ادريس جتوئي 'لکڻي/ تحرير جي فن'، تاج جويي" بيهڪ جي نشانين"، ڊاڪٽر اسحاق سميجي "ايڊيٽنگ جي فن ۽ اصولن" ۽ خالد آزاد "پروف پڙهڻ جي فن، استعمال ۽ نشانين" تي پنهنجا پنهنجا سيشن ورتا.
ورڪشاپ جي شريڪ ٿيندڙن سان مخاطب ٿيندي سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي،ايندڙ وقت ۾ "تحقيقي مقالي لکڻ جي فن'،' ترجمي جي فن ۽ قسمن"، 'درسي ڪتاب لکڻ جي فن" ۽ ٻين موضوعن تي ورڪشاپ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.