-
ھَنڌُ:
حيدرآباد، سنڌ، 71000
-
سومر کان جمعو، 9 کان شام پنج
ڇنڇر ۽ آچر موڪل
- رابطو ڪريو
سنڌي ٻولي: خطرا، موقعا ۽ تجويزون
سنڌي ٻولي: خطرا، موقعا ۽ تجويزون
حيدرآباد : 2 سيپٽمبر 2022.
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري طرفان شروع ڪيل مباحثن جي سلسلي ’سنڌي ٻولي: خطرا، موقعا ۽ تجويزون‘ جي عنوان هيٺ ڳالهائيندي نامور صحافين ۽ ميڊيا سان وابسته ماڻهن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ جي بگاڙ کي تسليم ڪندي، ان لاءِ ميڊيا جي ڪارڪنن لاءِ تربيتي رٿائون جوڙڻ، ميڊيا جي لغت ٺاهڻ ۽ ميڊيا لاءِ مينيوئل جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سنڌي ٻولي اٿارٽيء جي مباحثي 'ميڊيا ۽ سنڌي ٻوليءَ' ۾ ڳالهائيندي نامور صحافين منظور ميراڻي، رئوف چانڊيي ۽ علي زاهد ٻوليءَ جي بگاڙ جو ڪارڻ ڪارڪنن جي تربيت تي خرچ نه ڪرڻ ۽ غلط ٻوليءَ جي استعمال تي ايڊيٽر يا مالڪ پاران پڇاڻو نه ٿيڻ قرار ڏنو آهي. آن لائن مباحثي ۾ ناليواري ڪالم نگار ۽ سينئر صحافي منظور ميراڻيء چيو ته "ميڊيا ۾ ٻوليءَ جي درست استعمال تي گهربل ڌيان نٿو ڏنو وڃي. ايڊيٽوريل ۽ مضمونن واري ڀاڱي ۾ ٻوليءَ جو خيال رکڻ ڪالم لکندڙ ۽ ايڊيٽر جو ڪم هوندو آهي، سينئر لکندڙن جا ڪالم پڙهي يا ايڊيٽنگ ۾ درست ٿيل ٻوليءَ کي ڏسي نوان لکندڙ به ٻولي سکندا آهن. هن چيو ته سوويت يونين جي ٽُٽڻ کانپوءِ کاٻيء ڌر سان لاڳاپيل جيڪو نسل اخباري دنيا ۾ آيو، ان وٽ سياسي سوچ، سماجي قدرن جي آگاهيءَ سان گڏ بھتر ٻولي پڻ هئي. موجوده وقت ۾ اخباري ڪارڪنن جي اڪثريت يونيورسٽين جي شاگردن تي مشتمل آهي، جيڪي پڙهائيءَ جي چرچ لاءِ سستن اگهن تي ملي وڃن ٿا. ان کان سواءِ اهي شاگرد مختلف شعبن سان وابسته هوندا آهن، جن مان اڪثريت جي ٻوليءَ سان دلچسپي گهٽ هوندي آهي. هن چيو ته ايڊيٽر کان ويندي رپورٽر تائين، خبر رهجي وڃڻ جو ته پڇاڻو ٿئي ٿو، پر ٻوليءَ بگاڙڻ يا غلط ٻوليءَ جي استعمال تي ڪڏهن به پڇاڻو نه ٿيندو آهي، ان ڪري اخباري ادارن جي مالڪن کي ان ڳالهه جو احساس ڪرڻو پوندو ته اهي ڀلي پنهنجو ڪاروباري مقصد رکن، پر ايڊيٽر ۽ اداري جي مالڪن کي پنهنجي اخبار يا چئنل ۾ سنڌي ٻوليءَ جي درست استعمال بابت ضرور ڳڻتي هجڻ گهرجي.
سينئر صحافي رئوف چانڊيي چيو ته ”ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ميڊيا جي ادارن ۾ ٻوليءَ جو بگاڙ ٿئي ٿو، ان جا ڪيترا ئي ڪارڻ به آهن. هڪ ته اڳي سنڌ جي بنيادي تعليم بهتر هئي، جڏهن ته هاڻ اها ابتري جو شڪار آهي. ٻئي پاسي ميڊيا جي ادارن ۾ صورتحال اها آهي ته جن نوجوانن کي ڪا نوڪري نٿي ملي، اهي صحافت جي شعبي ۾ اچي وڃن ٿا. هن چيو ته پهرين سٺا پروف ريڊر ۽ سب ايڊيٽر هوندا هئا، انهن جي تربيت ڪرائيندا هئا، انهن کي ڪم دوران سکيا ملندي هئي، جڏهن ته هاڻ اها سکيا بند ٿي وئي آهي. ساڳيءَ ريت پارٽ ٽائيم نوڪري ڪرڻ لاء ايندڙ صحافي وٽ سکڻ لاءِ وقت به نه آهي. ٻولي ۽ گرامر بهتر هجڻ کان سواءِ ئي ماڻهو صحافي ٿي سگهي ٿو، ته ڪير ٻولي ڇو سکي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا بريڪنگ نيوز جي چڪر ۾ ٻوليءَ جو معيار خراب ڪيو آهي. هن تجويز ڏيندي چيو سنڌ سرڪار کي سنڌ ۾ اسڪولن جي رجسٽريشن ۽ لائسنس ڏيڻ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري کي شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسڪول معياري سنڌي پڙهائڻ لاء پابند رهن ۽ ميڊيا کي به معياري ڪارڪن ملن. ميڊيا جي درست ٻوليءَ لاء سنڌي ميڊيا جي مالڪن سان رابطو ضروري آهي. ڇو ته اهي ئي پنهنجن ڪارڪنن کي پابند ڪري سگهن ٿا ته اهي ٻوليءَ جو درست استعمال ڪن. نوجوان شاعر ۽ ڪاوش جي ايڊيٽوريل صفحي جي انچارج علي زاهد چيو ته "ايڊيٽوريل صفحو اهم هوندو آهي، جتي ٻوليءَ کي درست ڪرڻ جو وقت ملي ٿو، پر ايڊيٽر ٻولي ۽ گرامر کي سمجهندڙ هجي ۽ درستگيء جي معيارن کان واقف هجڻ کپي. اڳ ايڊيٽر ٻوليءَ کي سمجهندڙ هوندا هئا، پر هاڻ اڪثر مالڪ ئي ايڊيٽر آهن، نتيجي ۾ ٻولي انهن لاءِ گهٽ اهميت رکي ٿي. پروف ريڊر انتهائي اهم هوندو آهي، پر هن کي ايترو معاوضو ئي نٿو ملي. انهن جي ڪا تربيت نه آهي، اهي پروف ڪرڻ اخباري ادارن ۾ پاڻ ئي سکندا آهن. هن چيو ته ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن لاء تربيتي رٿائون جوڙڻ گهرجن، انهن لاء ميڊيا جي ٻوليءَ جي لغت يا مينيوئل پڻ ٺهڻ کپي. آن لائن مباحثي جي ميزبان اداري جي سيڪريٽري پروفيسر شبنم گل هئي.
- شيئر :
ھاڻوڪيون تحريرون
-
ٻارن لاءِ شاھہ لطيف جو ميلو-اسلام…02 نومبر، 2024ع
-
گهڻ ٻوليائي تعليم، مختلف نسلن ۽…21 فيبروري، 2024ع
-
سنڌي ٻوليءَ جو دفتري استعمال-آن لائين…29 آگسٽ، 2023ع
-
تحقيقي مقالي لکڻ جو فن ۽…24 آگسٽ، 2023ع
-
سنڌي آئيويٽا جي ڏينھن جي مناسبت…13 جولاءِ، 2023ع