سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران 20 ۽ 21 فيبروري 2023ع تي يونيسڪو پاران 2022 کان 2032 تائين اصلوڪين ٻولين جي اعلانيل ڏھاڪي جو حصو ٿيندي. پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي ”عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس“ منقعد ڪئي وئي.
عالمي سنڌي ڪانفرنس جو افتتاح 20 فيبروري 2023ع تي ڪيو ويو، افتتاحي تقريب جو خاص مھمان تعليم ثقافت، سياحت ۽ نوادرات جو صوبائي وزير سيد سردار علي شاھہ ھو. عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب ۾ اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي آيل ڏيھي، پرڏيھي اسڪالرن ۽ شريڪ مھمانن جي آجيان ڪئي ۽ ڪانفرنس جي مقصدن کان آگاھہ ڪيو. ڪانفرنس دوران فرانس اٽلي، برطانيہ، ھندستان ۽ پاڪستان جي اسڪالرن ۽ ٻولي ماھرن پنھنجي موضوعن مطابق تحقيقي مقالا پيش ڪيا ۽ تجويزون ڏنيون.
ڪانفرنس دوران پھرين ڏينھن جي آخر ۾ مشاعرو ٿيو جنھن ۾ ناليوارن شاعرن پنھنجي شاعري ٻڌائي ۽ ٻئي ڏينھن ڪانفرنس جي پڄاڻي تي راڳ رنگ جي محفل ۾ ناليوارن فنڪارن مانجهي فقير ۽ سيف سميجي پنھنجو فن پيش ڪيو.
ڪانفرنس دوران اداري پاران ڇپايل 6 ڪتابن جي مھورت ۽ آن لائين سنڌي لئنگئيج لائبرري جو افتتاح پڻ ڪيو ويو. اختتامي تقريب ۾ خاص مھمان ثقافت کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو ھئي.
ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي ٺھراءُ پڻ منظور ڪيا ويا.