-
ھَنڌُ:
حيدرآباد، سنڌ، 71000
-
سومر کان جمعو، 9 کان شام پنج
ڇنڇر ۽ آچر موڪل
- رابطو ڪريو
سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم جي سلسلي هيٺ سنڌي ٻولي، خطرا، موقعا ۽ تجويزون جي عنوان هيٺ آن لائين مباحثو
سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم جي سلسلي هيٺ سنڌي ٻولي، خطرا، موقعا ۽ تجويزون جي عنوان هيٺ آن لائين مباحثو
حيدرآباد 17 آگسٽ 2022.
سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري طرفان "سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم" جي سلسلي هيٺ " سنڌي ٻولي، خطرا، موقعا ۽ تجويزون" جي عنوان هيٺ آن لائين مباحثو منعقد ڪيو ويو. مباحثي ۾ ڳالهائيندي نامور دانشور جامي چانڊيي چيو تہ "هي اهم سلسلو شروع ڪيو ويو جنهن سان قوم ۾ پنهنجي ٻوليءَ بابت حساسيت وڌنڌي. قوم جو ٻوليءَ ڏانهن رويو، قوم جي بنيادي بيهڪ ۽ رومزره جي زندگيءَ ۾ ٻوليءَ جي ڪهڙي حيثيت آهي، اهو هڪ گهڻ طرفو سوال آهي. هڪ عام تصور اهو آهي تہ ٻولي صرف ظاهري رابطي جو ذريعو آهي، جنهن سان هڪ ماڻهو ٻين ماڻهن سان رابطي ۾ رهي ٿو يا ڳالهائي ٿو، پر اهو تصور ٻوليءَ ڏانهن سطحي رويو آهي، ٻوليءَ دراصل انسان جي انفرادي وجود جو اظهار آهي. هڪ فرد، هڪ قوم ۽ سماج بنجي ٿو. قوم سازيءَ جا جيڪي بنيادي عنصر آهن، انهن ۾ ٻولي هڪ اهم ترين عنصر آهي. ٻوليءَ کي فرد، سماج، رياست، معيشيت، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم کان ڌار ڪري ڏسڻ ۽ سمجهڻ ممڪن نه آهي، ڇاڪاڻ ته ٻولي سڀني شعبن جو اهم جز آهي. هن چيو تہ سنڌ واحد صوبو آهي، جتي آئين ۽ قانون موجب سنڌي دفتري ٻوليءَ جي حيثيت رکي ٿي، پر عملي طور اها سرڪاري سطح تي نه آهي. سنڌ جي روڊن، رستن، ريلوي اسٽيشنن يا عام بازارن ۾ سائن بورڊ سنڌيءَ ۾ نه آهن، سرڪار ۽ حڪومتن جو رويو مطلب انتظام آهي، انتظام تحت قانون موجب دفتري ڪاروهنوار، تعليمي نظام ۽ عام سطح تي ٻوليءَ کي هٿي ڏيارڻ آهي ڇو تہ ٻولي رڳو شاعري ڪرڻ ۽ ڪتاب لکڻ سان نہ جئندي آهي، بلڪه سرڪاري طور، قانون موجب ٻوليءَ کي رائج ڪرائڻ لاء پابند ڪرڻو پوندو آهي. هن تجويز ڏيندي چيو تہ سنڌي ٻوليءَ کي قانون هيٺ هلائڻ لاءِ جامع رٿا ۽ مئينوئل تيار ڪرڻ ضروري آهي. سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن سان گڏ غير سنڌي ڳالهائيندڙن کي سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي نظام ۾ آڻڻ لاء ڪوشش ڪرڻي پوندي، سنڌ اندر خانگي تعليمي ادارن سان لکپڙه ڪري سرڪاري سهڪار سان کين سنڌي پڙهائڻ لاءِ پابند بنائڻو پوندو.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي استاد ۽ نامور ليکڪہ امر سنڌو چيو تہ دفتري ڪاروهنوار هلائيندڙ ٻوليءَ ئي اڳتي هلندي آهي ۽ ان جي مالڪي رياست ڪندي آهي. ان لاء مارڪيٽ کان ويندي تدريسي ميدان تائين سرڪاري سرپرستي ۽ مثبت رويو ضروري آهي. هن چيو تہ سماج جو اجتماعي رويو ڏسڻ ضروري آهي، سنڌي سماج ۾ ٻوليءَ ڏانهن جذباتي رويو تہ ڪافي بهتر آهي، پر عقلي طور ٻوليءَ جي مستقبل طرف رويو غير سنجيده آهي. اسان کي اهو سمجهڻو پوندو تہ ٻوليءَ کان سواءِ انسان پنهنجي سڃاڻپ نٿو ڪرائي سگهي، ان لاء خوشفهمين مان نڪري سنجيدگيءَ سان عملي طور ڪجھ ڪرڻو پوندو. هن تجويز ڏيندي چيو تہ سنڌي ٻوليءَ کي آئيني تحفظ مليل آهي ۽ دفتري ٻوليءَ طور قانون ٺهيل آهي. ان لاءِ تعليم سميت سمورن ادارن کي مجبور ڪرڻ گهرجي تہ اهي پنهنجو ڪم ڪار ۽ ڪارروايون سنڌيءَ ۾ لکن. نامور شاعر علي آڪاش چيو تہ عالمي قانون ۽ ماهرن جي راءِ موجب ٻار کي بنيادي پرائمري تعليم پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي، ان جي باوجود سنڌ اندر سنڌي نٿي پڙهائي وڃي، سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي پِڙهائي وڃي، پر شهرن ۾ سرڪاري تعليم نٿي ڏياري وڃي. والدين جي اها سوچ آهي تہ اسان جو ٻار اڳتي نڪري ۽ ان لاء انگريزي تعليم ضروري آهي. هن چيو تہ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ مارڪيٽ سطح تي سنڌي ٻوليءَ کي وڏيون ڏکيائيون آهن، ان ۾ اسان کي پنهنجو رويو ڏسڻو پوندو، ڇو تہ دڪاندار سان اسان پنهنجي ٻوليءَ ۾ نہ ڳالهائيندا سين، تيستائين اهو خطرو رهندو. ٻوليءَ ڏانهن انتهاپسنديءَ وارو جذبو نہ هئڻ گهرجي، ٻولين ۾ نوان لفظ ايندا آهن ۽ اهي ضم بہ ٿي ويندا آهن. هن وڌيڪ چيو تہ اسان کي انفرادي طور تي توڙي سول سوسائٽي، ادارن ۽ سرڪار کي رٿابنديءَ هيٺ پنهنجي ٻوليءَ جي بقا لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. آن لائين مباحثي جو ميزبان نامور اديب ۽ ٻوليءَ جو ڄاڻو پروفيسر ادريس جتوئي هو.
سليم جروار
ترجمان
- شيئر :
ھاڻوڪيون تحريرون
-
ٻارن لاءِ شاھہ لطيف جو ميلو-اسلام…02 نومبر، 2024ع
-
گهڻ ٻوليائي تعليم، مختلف نسلن ۽…21 فيبروري، 2024ع
-
سنڌي ٻوليءَ جو دفتري استعمال-آن لائين…29 آگسٽ، 2023ع
-
تحقيقي مقالي لکڻ جو فن ۽…24 آگسٽ، 2023ع
-
سنڌي آئيويٽا جي ڏينھن جي مناسبت…13 جولاءِ، 2023ع