-
ھَنڌُ:
حيدرآباد، سنڌ، 71000
-
سومر کان جمعو، 9 کان شام پنج
ڇنڇر ۽ آچر موڪل
- رابطو ڪريو
تحقيقي مقالي لکڻ جو فن ۽ بنيادي گهرجون-سکيا ورڪشاپ
24 آگسٽ، 2023ع
تحقيقي مقالي لکڻ جو فن ۽ بنيادي گهرجون-سکيا ورڪشاپ
سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران، مختلف علمي ۽ فني موضوعن تي سکيا ورڪشاپن جي سلسلي هيٺ 'تحقيقي مقالي لکڻ جو فن ۽ بنيادي گُهرجون' عنوان تي سکيا ورڪشاپ، اداري جي ڊاڪٽر بلوچ هال ۾ ٿي گذريو. هن سکيائي ورڪشاپ ۾ پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل ڪندڙ اسڪالرن ۽ ماسٽرس توڙي بيچلرس جي شاگردن سميت نوجوان محققن ۽ استادن پڻ شرڪت ڪئي. سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي سيڪريٽري، نامور محقق ۽ اديب ڊاڪٽر احسان دانش، شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي ۽ پنھنجي تمھيدي گفتگوءَ ۾ تحقيق جي فن ۽ اصولن تي روشني وڌي. گڏوگڏ هن سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران مختلف علمي ۽ فني موضوعن تي ٿيندڙ ورڪشاپن ۽ ٻين سرگرمين کان آگاه ڪيو. هن چيو ته تخليق، تحقيق ۽ تنقيد ادب جا بنيادي ٿنڀا آهن. نئين دنيا جي لاءِ هر شعبي ۾ تحقيق جي تمام وڏي اهميت آهي ۽ محقق جي ڪُلھن تي وڏي ذميواري هوندي آهي. هن چيو ته تحقيق وري وري ڳولا جو عمل آهي. وقت گذرڻ سان تحقيق جو طريقو به تبديل ٿيندو رهندو آهي. جديد ٽيڪنالاجي اڄ جي محقق لاءِ آسانيون پيدا ڪيون آهن. تمھيدي گفتگوءَ کانپوء باقاعدي سکيا جي عمل جي ابتدا ڪئي وئي. پھرين ويھڪ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نامور اسڪالر ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ 'تحقيقي مقالي لکڻ جي فن ۽ مقالي ۽ مضمون ۾ فرق' جي موضوع تي گفتگو ڪئي ۽ شريڪ ٿيندڙن جي رهنمائي ڪئي. ان دوران ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ چيو ته "تحقيق جو بنياد مفروضي تي ٻڌل هوندو آهي، ڪابه تحقيق حتمي نه هوندي آهي، بلڪه تحقيق هڪ مسلسل عمل جو نالو آهي." هن وڌيڪ چيو ته "تحقيق، دراصل اڳ موجود شين جي سائنسي ۽ منظم تجزيي کي چيو ويندو آهي. نظريا، نظرين جي پيداوار هوندا آهن، تاريخي طور هر نظريي، فلسفي ۽ خيال جو هر ٻئي تجزيو ڪيو آهي، اهڙيءَ ريت هڪڙي تحقيقي مقالي ۾ پڻ اڳ موجود شين تي پنهنجي ماهراڻي راء سميت تنقيدي نقطئه نظر کان آگاهه ڪيو ويندو آهي ۽ ان ئي عمل کي تحقيق چيو ويندو آهي." هن وڌيڪ چيو ته "هڪ معياري تحقيقي مقالي لکڻ لاء، محقق کي موضوع جي بھتر چونڊ، معني خيز تت لکڻ جي فن، تحقيق جي طريقن جي ڄاڻ، حوالن ۽ حاشين جي سمجهه، انگن اکرن ۽ متن جو مستند هئڻ جھڙين ڳالھين جو خيال رکڻ لازمي آهي. هي مھارتن جو دور آهي، ان ڪري محقق کي موضوع جي منفرد چونڊ توڙي تحقيق جي جديد ۽ سائنسي طريقن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. " ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ وڌيڪ چيو ته تحقيق ۽ تخليق ڪرڻ، انسان جي بنيادي خوبي آهي، دراصل ماڻهو پنهنجي وجود جو جواز پئدا ڪرڻ لاء ئي ڪانه ڪا شيء تخليق ڪري ٿو، جنهن جي بنياد تي ئي تحقيق پڻ ڪري ٿو." سکيائي ويھڪ دوران ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، تحقيقي مقالي ۾ حوالن جي مختلف طريقن ۽ بنيادي اصولن تي روشني وڌي. سکيا ورڪشاپ جي ٻي ويھڪ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي استاد ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرزاق چنا، تحقيقي مقالي جي تت لکڻ ۽ حوالن ڏيڻ ۽ کڻڻ سميت آر. ايم يعني ريسرچ ميٿڊالاجي يا تحقيق جي طريقيڪار تي روشني وڌي. ان دوران شريڪ ٿيندڙن کان گروپ ورڪ يعني گڏيل عملي ڪم ڪرايا ويا ۽ سندن تنقيدي راين کي ٻين شريڪ ٿيندڙن سان ونڊ ڪيو ويو. پنهنجي سکيائي ويھڪ دوران ڊاڪٽر عبدالرزاق چنا چيو تہ "تحقيق دوران ڄاڻايل اهم ڳالھين سان گڏ عملي ميدان ۾ ڪم يعني فيلڊ ورڪ ڪرڻ جي پڻ ضرورت پوي ٿي." هن وڌيڪ چيو تہ "دنيا ۾ هن وقت سڀ کان وڌيڪ وسيلا ۽ صلاحيتون موجود آهن، ڊجيٽل دور ۾ ڪنھن بہ موضوع تي تحقيق ڪرڻ آسان ٿي وئي آهي. پر گڏوگڏ تحقيق جا نوان طريقا، اصول ۽ قاعدا پڻ متعارف ٿي چڪا آهن، جن جي سنڌ جي محقق کي ڄاڻ هئڻ لازمي آهي" بعد ۾ هن تحقيق جي جديد طريقن تي سمجهاڻي (پريزنٽيشن) ڏني ۽ شريڪ ٿيندڙن سان گڏ عملي مشق ڪئي. اسڪالر ۽ محقق پروفيسر ڊاڪٽر رفيق وساڻ، پنهنجي سکيائي ويھڪ دوران بين الاقوامي طور تحقيقي مقالي لکڻ لاء جديد طريقن ۽ اصولن تي روشني وڌي. پنهنجي گفتگوءَ ۾ هن چيو تہ"تحقيق دوران موضوع جي چونڊ، ڄاڻ، حوالا، انٽرويو ۽ فيلڊ ۾ وڃي موضوع متعلق کوجنا ڪرڻ اهم آهي. جڏهن ته معياري ۽ مقداري تحقيق پڻ، تحقيقي دنيا ۾ اهم موضوع سمجهيا وڃن ٿا." ڊاڪٽر رفيق وساڻ پڻ پنھنجي موضوع بابت، شريڪ ٿيندڙن کي سمجهاڻي (پريزنٽيشن) ڏني ۽ گڏيل عملي ڪم يعني گروپ ورڪ ڪرايو. ورڪشاپ جي آخر ۾ موضوع کي سھيڙيندي نامور محقق ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سيڪريٽري ڊاڪٽر احسان دانش چيو ته هن وقت دنيا اندر تحقيق جا نوان معيار ۽ اصول متعارف ٿي رهيا آهن، جن کي سمجهڻ ۽ سکڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي نوجوان محقق کي انھن کان آگاهي ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته تحقيق دراصل ڪڙهڻ جو ڪم آهي، ان لاءِ مسلسل محنت ۽ صبر جي گهرج آهي. تحقيق هڪ لحاظ کان جز کان ڪل تائين پھچڻ جو سفر آهي. تحقيق هڪ نُڪتي کان شروع ٿي هڪ جامع ۽ نتيجه خيز پڄاڻيءَ تي ختم ٿيندي آهي. دنيا ۾ تحقيق جي بدلجندڙ طريقن کي نظر ۾ رکندي سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري هي ورڪشاپ منعقد ڪيو آهي." ڊاڪٽر احسان دانش شريڪ ٿيندڙ نوجوان محققن ۽ اسڪالرن جي همت افزائي ڪئي ۽ تحقيق جي ڏس ۾ ساڻن هر ممڪن سھڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. آخر ۾ چونڊ شريڪ ٿيندڙن پنهنجي خيالن جو اظھار ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي سکيائي سلسلن جي واکاڻ ڪئي. بعد ۾ ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا ۽ سکيائي عمل پنهنجي پڄاڻيءَ تي پھتو.
- شيئر :
ھاڻوڪيون تحريرون
-
ٻارن لاءِ شاھہ لطيف جو ميلو-اسلام…02 نومبر، 2024ع
-
گهڻ ٻوليائي تعليم، مختلف نسلن ۽…21 فيبروري، 2024ع
-
سنڌي ٻوليءَ جو دفتري استعمال-آن لائين…29 آگسٽ، 2023ع
-
تحقيقي مقالي لکڻ جو فن ۽…24 آگسٽ، 2023ع
-
سنڌي آئيويٽا جي ڏينھن جي مناسبت…13 جولاءِ، 2023ع