سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران اڄ اڪيڊمي ادبيات اسلام آباد ۾ "ٻارن لاءِ شاهه لطيف جي ميلي" جي يادگار تقريب ٿي گذري، جنھن ۾ اسلام. آباد ۽ آس پاس جي سوين سنڌين، سندن ٻارن سميت بلوچ، پشتو، سرائڪي، پنجابي، ڪئلاشي توڙي ٻين قومن ۽ جاتين جا ماڻهو سون جي انگ ۾ شريڪ ٿيا. هن ميلي جو افتتاح سينيٽ آف پاڪستان جي ڊپٽي چيئرمين محترم سيدال خان ناصر ڪيو، سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي ۽ اڪيڊمي ادبيات جي چيئرپرسن ڊاڪٽر نجيبه عارف ڪيو سمورو ڏينهن ٻارڙن راڳ رنگ، شاهه لطيف جا بيت پڙهڻ جي مقابلن توڙي سوالن جوابن وارين سرگرمين ۾ حصو ورتو. جڏهن ته ٻارن لاءِ پتلي تماشي، جادوگر توڙي مفت جهولن جو بندوبست پڻ ڪيو ويو هو. صبح جو ٻارهين وڳي کان شروع ٿيل هي پروگرام رات جو سوا نائين وڳي تائين جاري رهيو، جنھن ۾ استاد رفيق فقير سميت ٻارن مان جانب سومري، راحت ۽ انتخاب بڙدي، دل حسين چاچڙ، آمنه، سهراب فقير جونيئر، معراج ۽ ٻين خوبصورت گيت ڳائي ميلي ۾ شريڪ نوجوانن کي جهومايو. هن ميلي لاءِ اداري کي سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي، اڪيڊمي ادبيات پاڪستان ، پي اين سي اي ۽ اسلام آباد ۾ ڪم ڪندڙ سنڌين جي تنظيمن جو پڻ سهڪار حاصل هيو