-
ھَنڌُ:
حيدرآباد، سنڌ، 71000
-
سومر کان جمعو، 9 کان شام پنج
ڇنڇر ۽ آچر موڪل
- رابطو ڪريو
سنڌي آئيويٽا جي ڏينھن جي مناسبت سان سيمينار ۽ ايوراڊ تقريب
سنڌي آئيويٽا جي ڏينھن جي مناسبت سان سيمينار ۽ ايوراڊ تقريب
حيدرآباد : 13 جولاء 2023.
سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ ٻولي ماهرن 13 جولاء کي سنڌي ٻوليءَ جو تاريخي ڏينھن قرار ڏيندي چيو آهي تہ اڄوڪي ڏينھن تي 1853 تي انگريز سرڪار موجوده 52 اکرن تي مشتمل سنڌي الفابيٽ کي نافذ ڪيو، جيڪو سنڌي ٻولي لاء انتھائي اهم ۽ تاريخي قدم هو،هنن اهڙو اظھار سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران " سنڌي ٻوليءَ جي آئيويٽا" بابت سيمينار ۽ 2020 - 2021 - 2022ع ۾ طئي ٿيل موضوعن تي ڇپيل بھترين ڪتابن تي ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب دوران ڪيو. سيمينار جي صدارت ڪندي ناليواري عالم ڊاڪٽر قاضي خادم چيو تہ " سنڌ تي مختلف دورن ۾ قبضا ٿيا ۽ ٻين جون حڪمرانيون رهيون جنھن سان سنڌ جي ثقافت ۽ ٻولي تي پڻ اثر پيا هوندا، پر انگريزن سنڌ تي حڪمراني دوران جيڪي ڪم ڪيا انھن ۾ ٻوليءَ تي ڪم ۽ ٻوليءَ جي اهميت کي تسليم ڪندي ان کي رائج ڪرڻ ساراه جوڳو عمل هو، اڄوڪي ڏينھن تي سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ کي نافذ ڪيو ان ڪري هن ڏينھن کي تاريخي ڏينھن سمجهون ٿا. هن چيو تہ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري ادب جي ڪتابن تي انعام ڏيڻ جي رسم برقرار رکيو آهي جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ وڏو قدم ان لاء اداري کي جس هجي. "
سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو تہ "جولاء جو مهينو سنڌي ٻوليءَ لاءِ مبارڪ مهينو آهي، جو هن ئي مهيني 13 جولاء 1853 ع تي موجوده رسم الخط کي وڌ ۾ وڌ معياري بڻائي رائج ڪيو ويو ۽ 1972 ۾ 7 جولاء تي سنڌي ٻوليءَ جو بل پيش ڪيو ويو. ٻولي ڪا بيٺل شئي نه آهي، اها فطرت، سماج ۽ زندگيءَ وانگر بدلجندڙ آهي. ان ڪري سنڌي ٻولي به تبديليءَ جي ان مرحلي مان گذرندي رهي آهي. اسان کي معياري ۽ مثبت تبديليون قبول ڪرڻيون پونديون ۽ منفي تبديلين کي روڪڻ لاءِ هڪ قوم طور پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ کپي. اسان سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪندڙ عالمن ۽ محققن کي مسلسل اتساهي رهيا آهيون، جيئن ٻوليءَ کي نوان ۽ جديد دور جي گهرجن کي سمجهندڙ محقق پيدا ڪري سگهجن. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو سنڌي ٻوليءَ جي بچاء، ڦهلاء ۽ ترقيءَ لاءِ هر ممڪن اپاء وٺي رهيو آهي"
سيمينار کي خطاب ڪندي ناليواري محقق ڊاڪٽر محمد علي مانجھي چيو تہ " 13 جولاء ٻوليءَ خاص ڪري الف - ب جي لحاظ کان اسان لاء ڀاڳن ڀريو ڏينھن آهي، ڇاڪاڻ تہ اڄوڪي ڏينھن تي پوڻا ٻہ سئو سال اڳ موجوده لپي نافذ ڪئي وئي. هن وڌيڪ چيو تہ تاريخي طور سنڌو لکت جا چٽا ثبوت هزارين سالن کان ملن ٿا پر مختلف حملي آورن جي قبضن جي ڪري سرڪاري طور سنڌ ۾ مختلف ٻوليون مڙهيون ويون، پر سنڌ جا اصلي ماڻھو پنھنجي پنھنجي لکت ۾ لکندا رهيا جڏهن انگريزن قبضو ڪيو تہ هنن اصل حقيقت کي محسوس ڪندي سنڌ ۾ رائج مختلف لکتن جو اڀياس ڪري موجوده عربي سنڌي الف - ب کي مقرر ڪري 13 جولاء 1853 تي رائج ڪيو. ناليواري محقق ۽ ليکڪ مدد علي سنڌي چيو تہ " سنڌي ٻوليءَ جي آئيويٽا کي اڄ کان 170 سال اڳ لاڳو ڪيو ويو هو، ان خوش قسمت ڏينھن جي موقعي تي سنڌ جي هر دل عزيز ڪمشنر بارٽل فريئر، مسٽر ايلس ۽ ان وقت جي آئيويٽا ٺاهيندڙ ڪميٽي کي ضرور ياد ڪرڻ گهرجي جن هي عظيم فيصلو ڪيو. هن چيو تہ زنده قومون پنھنجي محسنن کي سدائين ياد رکنديون آهن اسان کي انھن شخصيتن کي نہ فقط ياد ڪرڻ گهرجي پر سندن خدمتن بابت اڄوڪي نسل کي واقف ڪرڻ بہ پنھنجو اولين فرض سمجهون تہ جيئن نسلن تائين ٻوليءَ جا اهي محسن ياد رهن. تعليمدان پروفيسر اعجاز قريشي چيو تہ " اڄوڪو ڏينھن سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ لاڳو ٿيڻ جو ڏينھن آهي جنھن کي تاريخي طور ياد ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو تہ سنڌي ٻولي دنيا جي ٻولين ۾ هڪ اهم ۽ سڌريل ٻولي آهي، ماضي ۾ هن ٻولي سان ويساه گهاتيون ڪيون ويون پوء بہ هي قائم ۽ دائم آهي، هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي تہ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاء سمورين ڌرين کي سخت محنت ڪرڻ گهرجي . ٻوليءَ ماهر ڊاڪٽر آفتاب ابڙي چيو تہ " سنڌي ٻوليءَ جي لپي تي صحيح معنئ ۾ تحقيق ڪانہ ڪئي وئي آهي ان جي مختلف پاسن تي ڪم ڪرڻ جي اشد ضرورت آھي. ناليواري تعليمدان ڊاڪٽر تھمينہ مفتي چيو تہ" اڄوڪو ڏينھن سنڌي ٻوليءَ لاء خوشين ڀريو ڏينھن آهي، سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران نہ فقط ان ڏينھن کي ملھايو پيو وڃي پر ان ڏينھن تي سنڌي ٻوليءَ جي مختلف موضوعن تي ڪتابن ۽ مقالن جي ليکڪن کي ايوارڊ ڏنا پيا وڃن جيڪا وڌيڪ خوشي جي ڳالهه آهي. سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڪتاب (سنڌي لسانيات : تنقيدي ۽ تحقيقي اڀياس) تي ڳالھائيندي چيو تہ ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات جو وڏو ماهر ۽ عالم ٿي گذريو آهي سندس هي ڪتاب لسانيات جي شاگردن لاء رهنما يا گائيڊ ڪتاب آهي. هن چيو تہ الانا صاحب هن ڪتاب ۾ ٻوليءَ جي حرف صحيح ۽ لفظ غلط، لفظي گھاڙيٽن، رسم الخط، ٻوليءَ جي لھجن ،سنڌي ٻوليءَ جي تدريسي ۽ تعليمي اهميت بابت تفصيل سان تحقيقي بنيادن تي لکيو آهي، هي ڪتاب لسانيات تي تحقيق جا نوان زاويا ۽ رخ کوليندو. " سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي سيڪريٽري ڊاڪٽر احسان دانش چيو ته" سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار پنھنجي مقصدن کي سامھون رکندي سنڌي آئيويٽا جو ڏينھن ملھائي پنھنجو فرض ادا ڪيو آهي، هن چيو تہ اداري سنڌي ٻوليءَ تي گهڻ رخو ڪم ڪندڙ عالمن، اديبن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن کي سندن پورهيي جو مان ڏيندي ايوارڊ ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي، جيڪو سندن پورهيي کي مان آهي ۽ ادارو پنھنجي عالمن ۽ اديبن کي مان ڏنو آهي. ڊاڪٽر فياض لطيف چيو ته" اڄوڪي اهم ڏينھن کي ياد ڪرڻ سان نئين نسل ۾ ٻوليءَ جي اهميت ۽ تاريخ جي علم بابت اضافو ڪندو ۽ ان سان گڏ گذريل ٽن سالن دوران ڇپيل ڪتابن تي ايوارڊ ڏيڻ سان پڻ ليکڪن ۾ دلچسپي وڌندي ان حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري کي جس هجي. " ناليواري براڊ ڪاسٽر نصير مرزا, ڊاڪٽر فياض لطيف جي ڪتاب" شيخ اياز جي شاعريءَ جي لغت " تي تبصرو ڪندي چيو تہ" شيخ اياز سنڌ جو تمام وڏو شاعر آهي جنھن جي شاعري تي لطيف جو نمايان اثر آهي ان ڪري ضرورت ريت اياز جي شاعري جي لغت تيار ٿئي جيڪا نوجوان نسل کي اياز شناسي بابت رهنمائي ڪري ۽ اهو ڪم ڊاڪٽر فياض لطيف انتھائي بھترين طريقي سان ڪري ڏيکاريو آهي، جنھن ۾ اياز جي لفظن جي معني خوبصورت انداز ۾ ڏنو آهي. هن چيو تہ ڊاڪٽر فياض لطيف اياز جي شاعريءَ جي لغت کانسواءِ اياز تي ٻيا ڪتاب لکيا ۽ ان تي پي ايڇ ڊي ڪئي جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي." سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ماهر امر فياض ٻرڙي چيو تہ" هن جديد دور ۾ اسان جو نوجوان ڊجيٽلائزيشن جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻو ڪم ڪري رهيو آهي، سنڌ سلامت ويب سائيٽ هڪ اهڙو فورم آهي جتي سوين ڪتاب پڙهندڙن لاء موجود آهن، هن فورم جي ساٿي عبيد ٿھيم کي ايوارڊ ملڻ ان ڳالھ کي ثابت ڪري ٿو تہ دنيا جتي مصنوعي ذھانت ذريعي وسيلا بچائڻ جا طريقا ڳولي پئي ان وقت ۾ اسان بہ ان شعبي ۾ پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيون. "
دين محمد ڪلھوڙي، ڊاڪٽر الطاف جوکئي جي ڪتاب ( عربي - سنڌي اکر جو اڀياس) تي تبصرو ڪندي چيو تہ" هي ڪتاب درسي ڪتابن ۾ اکرن جي مطالعي بابت اهم ڪتاب آهي، اکرن جي مختلف صورتن بابت ڪتابن ۽ اخبارن ۾ جيڪي غلطيون ٿين ٿيون انھن تي تفصيلي تحقيقي بحث ٿيل آهي، هي ڪتاب تحقيق ڪندڙ محققن لاء تمام گهڻي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو."
ايوارڊ تقريب ۾ 2020 ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڇپيل ڪتاب، سنڌي لسانيات : تحقيقي ۽تنقيدي اڀياس، ڊاڪٽر آفتاب ابڙي جي مقالي" جديد سنڌي گرامر جي ضرورت"
2021 ۾ ڊاڪٽر الطاف جوکيي جي ڇپيل ڪتاب" عربي - سنڌي اکر جو اڀياس " مقالي جو ايوارڊ ڊاڪٽر سجاد رئيسي/ ڊاڪٽر عنايت الله ڀٽي جي مقالي "گلگت - بلتستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي قبيلن جا اهڃاڻ" ۽ سافٽ وئير جو ايوارڊ، عبيد ٿھيم جي " ڪتابن جي ايپ"جڏهن ته 2022 ۾ ڇپيل، ڊاڪٽر فياض لطيف جي ڪتاب " شيخ اياز جي شاعريءَ جي لغت" مقالي جو ايوارڊ ڊاڪٽر الطاف جوکيي جي مقالي "اسم سان حرف جر سبب'ء' جي استعمال جو جائزو" ۽ سافٽ وئير جو ايوارڊ، محمد شفيق احمد جي ايپ "سنڌي اردو ڪيپئڊ" کي ڏنا ويا.
- شيئر :
ھاڻوڪيون تحريرون
-
ٻارن لاءِ شاھہ لطيف جو ميلو-اسلام…02 نومبر، 2024ع
-
گهڻ ٻوليائي تعليم، مختلف نسلن ۽…21 فيبروري، 2024ع
-
سنڌي ٻوليءَ جو دفتري استعمال-آن لائين…29 آگسٽ، 2023ع
-
تحقيقي مقالي لکڻ جو فن ۽…24 آگسٽ، 2023ع
-
سنڌي آئيويٽا جي ڏينھن جي مناسبت…13 جولاءِ، 2023ع