سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران 20 ۽ 21 فيبروري 2023ع تي يونيسڪو پاران 2022 کان 2032 تائين اصلوڪين ٻولين جي اعلانيل ڏھاڪي جو حصو ٿيندي. پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ”عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس“ منقعد ڪئي وئي.
عالمي سنڌي ڪانفرنس جو افتتاح 20 فيبروري 2023ع تي ڪيو ويو، افتتاحي تقريب جو خاص مھمان تعليم ثقافت، سياحت ۽ نوادرات جو صوبائي وزير سيد سردار علي شاھہ ھو. عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب ۾ اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي آيل ڏيھي، پرڏيھي اسڪالرن ۽ شريڪ مھمانن جي آجيان ڪئي ۽ ڪانفرنس جي مقصدن کان آگاھہ ڪيو. ڪانفرنس دوران فرانس اٽلي، برطانيہ، ھندستان ۽ پاڪستان جي اسڪالرن ۽ ٻولي ماھرن پنھنجي موضوعن مطابق تحقيقي مقالا پيش ڪيا ۽ تجويزون ڏنيون.
ڪانفرنس دوران پھرين ڏينھن جي آخر ۾ مشاعرو ٿيو جنھن ۾ ناليوارن شاعرن پنھنجي شاعري ٻڌائي ۽ ٻئي ڏينھن ڪانفرنس جي پڄاڻي تي راڳ رنگ جي محفل ۾ ناليوارن فنڪارن مانجهي فقير ۽ سيف سميجي پنھنجو فن پيش ڪيو.
ڪانفرنس دوران اداري پاران ڇپايل 6 ڪتابن جي مھورت ۽ آن لائين سنڌي لئنگئيج لائبرري جو افتتاح پڻ ڪيو ويو. اختتامي تقريب ۾ خاص مھمان ثقافت کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو ھئي.
ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي ٺھراءُ پڻ منظور ڪيا ويا.