سنڌي ٻوليءَ جي بااختيارا اداري پاران ’سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم ‘ جي سلسلي ۾، قاسم آباد حيدرآباد ۾ هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي. ’قاسم آباد بزنيس فورم‘ جي سهڪار سان منعقد ٿيل هن ريليءَ ۾ اديبن، شاعرن، صحافين، دڪاندارن، مقامي واپارين ۽ سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، جن ۾ جامي چانڊيو، شبنم گل،منصور قادر جوڻيجو، نصير مرزا، امر فياض ٻرڙو، علي دوست عاجز، علي آڪاش، عبيد ٿهيم ۽ منصور سيتائيءَ سميت قاسم آباد بزنيس فورم جا اڳواڻ حاجي رحمت الله ساند، رئيس غلام قادر ڀرڳڙي ۽ خرم کوکر، عوامي جمهوري پارٽيءَ جي نذير قريشي، پريس ڪلب حيدرآباد جو ظفر هڪڙو، رئوف چانڊيو، سليم ملاح ، سنڌ گريجئيٽس ايسوسيئيشن جي وفد سڪندر علي ڀرڳڙي ۽ راحيل احمد جوکيو ،قاسم آباد جا سوين شهري شامل هئا. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيارا اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل هي ريليءَ قاسم آباد بزنيس فورم جي دفتر کان شروع ٿي، پڪوڙا اسٽاپ ۽ مهراڻ سينٽر کان ٿيندي واپس قاسم آباد بزنيس فورم جي دفتر تي ختم ٿي. ريليءَ دوران مهراڻ سينٽر جي تنظيم جي صدر ديوان نهال چند، ميڊيڪل اسٽور ائسوسيئيشن جي صدر شفيق رحمان تنيي ۽ ٻين اڳواڻن، ڊاڪٽر اسحاق سميجي ۽ ريليءَ ۾ شامل وفد جي گذارش کي مان ڏيندي، سڀاڻي کان سڄيءَ قاسم آباد ۾، دڪانن ۽ واپاري مرڪزن جا بورڊ سنڌيءَ ۾ لکرائي، لڳائڻ جو واعدو ڪيو.