سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل شعبو

سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل شعبو

اداري پاران 1994ع کان شايع ٿيندڙ ”سنڌي ٻولي“ تحقيقي جرنل کي هن وقت هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي پاليسيءَ تحت شايع ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ جون 2016ع ۽ ان کانپوءِ وارا شمارا هيڪ (HEC) جي معيار تحت ڇپجن ٿا. مارچ 2020ع۾ هن جرنل کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان Z درجه بندي ۾ مڃتا ڏني ويئي. 2021ع کان هي جرنل Y ڪئٽيگري ۾ منظور ٿيل آهي. هن وقت تائين 12 شمارا وقت جي پابنديءَ سان شايع ڪيا ويا آھن. ھن تحقيقي جرنل ۾ سنڌي ٻوليءَ، لسانيات ۽ ادبي تحقیق جي موضوعن تي سنڌ توڙي ھند جي سنڌي محققن جا مقالا شايع ڪيا وڃن ٿا. هن وقت ڊاڪٽر اسحاق سميجو چيف ايڊيٽر، محترمه شبنم گل هن جرنل جي ايڊيٽر ۽ محترم شوڪت چاچڙ تحقيقي جرنل شعبي جو انچارج ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر آهي.


  • سربراھ:

    شوڪت چاچڙ
    (انچارج )

شيئر ڪريو: