ميڊيا سيل

ميڊيا سيل

2010ع ۾ اداري ۾ پبلي رليشنز آفيسر مقرر ڪيو ويو تہ جيئن اداري جي سرگرمين جي تشھيرتوڙي اداري متعلق خبرون، مضمونن يا ٻئي مواد جو جواب ۽ وضاحت وقت تي پيش ڪري سگهجي. جديد تقاضائن ۾ ذرائع، ابلاغ نا ذريعا وڌڻ کانپوءِ 2017ع ۾ اداري جي پبلڪ رليشن شعبي کي جديد گهرجن موجب وسيع ڪندي ميڊيا سيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ اداري جي سرگرمين جي باري ۾ ميڊيا تي خبرون پهچائڻ ابلاغي ادارن سان رابطا ڪاري صحافين جي تربيت وغيرہ ڪرائڻ جو اھتمام ڪرڻ، اداري جي مختلف پروگرامن ۽ سيمينار وغيره جي رپورٽ تيار ڪرڻ، اداري جي سالياني رپورٽ، ٽه ماهي بلٽين تيار ڪرڻ، مختلف سماجي حلقن طرفان اداري تي ٿيندڙ تنقيد ۽ اخبارن ۾ ايندڙ منفي خبرن جي وضاحت ڪرڻ هن شعبي جي ذمي آهي. پرنٽ ميڊيا ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ جي مانيٽرننگ ڪري غلطين جي نشاندھي پڻ ھي شعبو ڪندو آھي.ان کانسواءِ هن ميڊيا سيل طرفان ۽ سوشل ميڊيا تي به اداري جي سرگرمين جي تشھير ڪئي ويندي آهي. ھن شعبي جو سربراھ سليم جروار پي آر او آھي.


  • سربراھ:

    سليم جروار
    (ميڊيا ڪو آرڊينيٽر )

شيئر ڪريو: