آڊيو ويوئل شعبو

آڊيو ويوئل شعبو

اداري اندر ۽ ادري کان ٻاهر اداري جي پروگرامن جي رڪارڊنگ، فوٽوگرافي ۽ ٻين اهڙن ادارن ۽ تنظيمن جا پروگرام ادبي ۽ ثقافتي پروگرام رڪارڊ ، ايڊٽ ڪري محفوظ بنائڻ جن سان سنڌي ٻوليءَ جي باختيار اداري جو سهڪار هوندو آهي. اهي سڀ ڪم اداري جي آڊيو ويوئل شعبي جي ذميوارين ۾ شامل آهن. انڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ (EFT) جي مالي سهڪار سان هن شعبي اندر هڪ جديد آڊيوويوئل اسٽوڊيو پڻ قائم ٿيل آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي عالمن، اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ سگهڙن کي سندن حياتيءَ ۾ رڪارڊ ڪري سندن فن کي محفوظ ڪيو ويندو آهي. هيءُ شعبو ريڊيو اسپولس جي شڪل ۾ موجود سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي ڊرامن کي سي ڊين تي ڪاپي ڪري محفوظ ڪري چڪو آهي ۽ اهو ڪم هلندو آهي. ھن شعبي جو انچارج ڪاشف قاضي، ان کان علاوہ نظير احمد چانڊيو وڊيو ايڊيٽر، شوڪت علي شاھاڻي فوٽو گرافر ۽ اصغر ڀنڊ ھيلپر آھن.


  • سربراھ:

    ڪاشف قاضي
    (وڊيو ايڊيٽر )

شيئر ڪريو: