ڊاڪٽر تھمينہ مفتي

ڊاڪٽر تھمينہ مفتي

شاعره، ڪھاڻيڪاره ۽ محقق ڊاڪٽر تھمينه مفتي، 7 جنوري 1953ع تي، نوابشاهه شھر ۾ ڄائي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ ”سنڌي ڪھاڻيءَ جو سماجي ڪارج“ عنوان تي مقالو لکي، 1995ع ۾ پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پروفيسر جي عھدي تي ڪم ڪري رهي آهي.

تھمينه مفتيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو ’ڪٿا اپ ڪٿا‘، سينٽر فار پيس ائنڊ سوِل سوسائٽي حيدرآباد طرفان 2007ع ۾ ڇپيل آهي. جڏھن تہ پاڻ سچل سرمست، سامي ۽ شاھ لطيف جي فلسفي تي پڻ ڪتاب لکيا اٿن.


شيئر ڪريو: