حيدرآباد، سنڌ، 71000
ڇنڇر ۽ آچر موڪل
نامور مشھور شاعر، نثر نويس ۽ براڊ ڪاسٽر مختيار ملڪ جو اصل نالو مختيار حسين ملڪ ولد شفيع محمد ملڪ آھي. مختيار ملڪ لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. سندس شاعري ۽ مضمون سنڌ جي معياري اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. هيءُ 1999ع کان 2001ع تائين سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو آهي. مختيار پاڪستان جي مختلف ريڊيو اسٽيشنس تي پروڊيوسر، سينيئر پروڊيوسر ۽ ڪمپيئر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. پاڻ ڪنٽرولر/ پروگرام مئنيجر طور ريڊيو پاڪستان ملتان، ڊپٽي ڪنٽرولر طور ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاھ، ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور، لاڙڪاڻو، تربت، راولپنڊي رهي چڪو آهي. پاڻ ميمبر بورڊ آف گورننس سنڌي ادبي بورڊ، ميمبر ائڊومينٽ فنڊ ڪميٽي ثقافت کاتو، ميمبر ايڊوائزري بورڊ سچل سرمست اڪيڊمي خيرپور پڻ رهيو آھي.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾:
• ٽم ٽم ٽانڊاڻا (ٻارن لاءِ شاعري) 1981ع
• اماس ۾ به سوجھرو (شاعري) 2010ع
• پير علي محمد شاھ راشدي جي زندگي ۽ ڪم 1990ع
• جوت, 1976ع شامل آھن.
مختيار ملڪ کي بهترين پروڊيوسر، ريڊيو پاڪستان ريجنل ايڪسيلينس اوارڊ 1999ع ۽ 2002ع، سچل سرمست لائف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ 2013ع ۽ 2014ع، ٻارن لاءِ بهترين ليکڪ طور انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي اوارڊ 1980ع ملي چڪا آھن.