حيدرآباد، سنڌ، 71000
ڇنڇر ۽ آچر موڪل
ليکڪ، محقق، ڪھاڻيڪار ۽ تعليمدان پروفيسر ڊاڪٽر غلام نبي ولد محمد بخش سڌايو، پھرين سيپٽمبر 1948ع تي جيڪب آباد لڳ ڳوٺ ڊٻ ۾ پيدا ٿيو. 1989ع ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي نگرانيءَ ۾، ‘شاھھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ علامت نگاريءَ’ جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي Ph.D جي ڊگري حاصل ڪئي.1973ع ۾سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، تعليم کاتي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. ھن لکڻ جي شروعات 1965ع کان ڪئي، سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: ‘شاھھ عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري’ (پي ايڇ. ڊي جو مقالو: 1992ع)، ‘شـاھھ لـطيـف جـو عـوامي شـعـور’ (تحقيق)، ‘سـفـر زندگـيءَ جـو’ (عبدالڪريم گدائيءَ جي شخصيت)، ‘نئين روشني’ (عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعريءَ تي تنقيد)، ‘سچ سونھن وريام ورونھن’ (لوڪ ادب)، ‘سنگ سچ جو’ (لوڪ ادب)، ‘غريبن جو ورثو، ھڪ مطالعو’ (تنقيد ۽ تحقيق)، ‘چونڊ سنڌي افسانا، ھڪ مطالعو’ (تحقيق)، ‘سنڌي ادب جي مختصر تاريخ’، ‘سنڌي مضمون نگاري’، ‘جيڪب آباد ۽ جان جيڪب’ (ترتيب)، ‘نعره حق’ (صوفي ٻڍل فقير جي ڪلام جو نثري اردو ترجمو ۽ ترتيب)، ‘شاهه لطيف جو علامتي شعور’ (لطيفيات: 2007ع)، صحرا صحرا نيڻ’ ٿر جو سفر:2017ع)، ‘ڪلجڳ جا رنگ’ (ڪھاڻيون:2018ع) ۽ ٻيا شامل آھن. هن شاھھ ۽ سچل سميت سنڌ توڙي پنجاب جي ڪيترن ئي صوفي بزرگن ۽ شاعرن جي زندگي ۽ شاعريءَ تي 100 کن مقالا لکيا. ان کان علاوه سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري، شاھھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ ھمدرد يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ. ڊي جو گائيڊ ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ آھي. سندس ادبي خدمتن جي مڃتا طور شاھھ لطيف اوارڊ، سچل سرمست اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ اوارڊ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اوارڊ ۽ ٻيا اوارڊ ملي چڪا آهن.