امر فياض ٻرڙو سنڌي ٻوليءَ جو ماهر انجنيئر، لسانيات دان، ليکڪ ۽ لغت نويس آهي. هو سنڌي ٻوليءَ جي اختيار ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ماهر طور خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آھي، جتي هن سنڌي ڪمپيوٽنگ ۽ جديد ٻولي انجنيئرنگ لاءِ هڪ "سنڌي ڪوڊيڪس" تيار ڪيو.
امرفياض ، عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگويج انجنيئرنگ، حيدرآباد جو ڊائريڪٽر آهي. هو Google Inc. جو مقامي گائيڊ ۽ لوڪلائيزر آهي، جيڪو سنڌ جي ثقافتي ورثي ۽ سياحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ جيو ٽئگنگ، 360-ڊگري ورچوئل ريئلٽي ٽورز ٺاهڻ، ۽ ثقافتي ماڳن جي معلومات عام ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
هو نيوپورٽس انسٽيٽيوٽ آف ڪميونيڪيشن اينڊ اڪنامڪس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جو سربراهه رهيو، جيو ٽي وي نيٽورڪ لاءِ IT ڪنسلٽنٽ رهيو، ۽ eSpread Multiplication نالي ويب ڊولپمينٽ ڪمپني جو CEO ۽ مالڪ رهيو. هن "امر نستعليق" نالي پهريون ويب بيسڊ نستعليق فونٽ تيار ڪيو، ۽ دنيا جي مشهور CMS نظام Joomla ۽ WordPress کي اردو ۽ سنڌي ۾ لوڪلائيز ڪيو.
1997ع ۾، امر فياض پاڪستان جي سڀ کان وڏي انگريزي-سنڌي لغت تيار ڪئي، جنھن کيس هڪ ٻولي ماهر طور مڃتا ڏني. هو ثقافتي، سماجي ۽ فڪري مسئلن تي به لکندو رهيو آهي، ۽ BBC اردو ۽ عالمي اخبار لاءِ 150 کان وڌيڪ بلاگ ۽ مضمون لکيا آهن.