سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران 'ترجمي جو فن ۽ان جا اصول' جي موضوع تي هڪ ڏينهن جو تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو. مختلف شعبن ۾ ترجمي نگاري سان لاڳاپيل نوجوانن ۽ شاگردن ڀرپور حصو ورتو. نامياري دانشور انعام شيخ، نامياري ليکڪ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي استاد ۽ نامياري اديب ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، نامياري ڪالم نگار ۽ استاد منوج ڪمار ۽ سماجي دنيا ۾ ترجمي جي شعبي سان لاڳاپيل لياقت ٿهيم ليڪچر ذريعي ڄاڻايل موضوع تي تفصيلي طور سمجهايو، اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي تربيتي ورڪشاپ جا مقصد ٻڌايا، جڏهن تہ تربيتي ورڪشاپ ۾ حصو وٺندڙن کي سَندون ڏنيون ويون.