انڊس اسڪرپٽ (سنڌو لکت) تي تحقيق ڪندڙ محققن چيو آهي تہ 'سنڌو تھذيب مان مليل لکت جي ڀاڃ لاء جوڙيل ڪميٽي کي فعال ڪري ڏيھي توڙي پرڏيھي ماهرن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذھانت جي مدد سان ڪوششون ڪيون وڃن تہ جيئن دنيا جي ٻين قديم تهذيبن جيان سنڌو تھذيب کي بہ پڙهي سگهجي " انهن اهڙو اظهار سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران، 'سنڌي ٻوليءَ : خطرا،موقعا ۽ تجويزون' جي سلسلي هيٺ ' سنڌو لکت جي ڀاڃ تي اڳ ٿيل ڪم ۽ نئين تحقيق جو جائزو' جي موضوع تي ٿيل آن لائن مباحثي ۾ ڳالھائيندي ڪيو. نامياري محقق پروفيسر عزيز ڪنگراڻي چيو تہ" 1922ع ۾ کوٽائي دوران سر جان مارشل هڪ شاندار تھذيب کي دريافت ڪيو ۽ ان تھذيب مان تصويري مُھرون مليون جن تي سر جان مارشل کان ويندي اڄ تائين ماهر ڪوشش باوجود انهن جي ڀاڃ ناهن ڪري سگهيا، ڏيھي ماهرن ۾ عطا محمد ڀنڀري جو ڪم ڏسڻ ۾ اچي ٿو جنهن ترجما بہ ڪيا ۽ ڀاڃ جي ڪوشش پڻ ڪئي، ايئن پرڏيهي ماهرن جو ڪم بہ آهي پر دنيا ۾ ان کي مڃيو ناهي ويو. هن چيو تہ موهن جي دڙي مان مليل مُھرن ۽ پھاڙي پٿرن تي اُڪريل علامتن ۾ فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو، مُھرن تي اڪريل علامتون مڪمل هجڻ گهرجن اهي ناهن مليون ان ڪري ڪوششن باوجود انڊس اسڪرپٽ ڊي ڪوڊ ناهي ناهي ٿي سگهيو، ان حوالي سان مفروضا قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو تہ سنڌو لکت جو برهمي يا سنسڪرت سان ڪو تعلق ناهي اگر تعلق هجي ها تہ ماهر هن وقت ڪنھن نتيجي تي پهچي وڃن ها، هن لکت جو تعلق بنيادي طور دراوڙي ٻولين سان لڳي ٿو انهن ۾ تامل ٻوليءَ سنڌي ٻوليءَ کي ڪافي ويجهو آهي. هن مطالبو ڪيو تہ موهن جي دڙي تي ٺهيل ڪميٽي کي فعال ڪري يا نئين سِر ڪميٽي ٺاهي سنڌ سان گڏ عالمي ماهرن کي شامل ڪري جديد ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذھانت جي مدد سان انڊس اسڪرپٽ جي ڀاڃ لاء پيش قدمي ٿيڻ گهرجي". ناليواري محقق پروفيسر رستم خاصخيلي چيو تہ"سر جان مارشل جي ڪم کان انڪار نٿو ڪري سگهجي جنهن پاڻ نگراني ڪري موهن جي دڙي مان چار هزار جي لڳ ڀڳ مُھرون هٿ ڪيون جن ۾ وسيع پيغام آهي پر سر جان مارشل سميت ماهرن ان نشانين کي فلاسافي طريقي سان پڙهيو آهي، مون انھن کي براهمي الفابيٽ ۽ لسانياتي اصولن موجب ويھہ پنجويهہ مُھرون پڙهيون آهن جن مان 9 مُھرن تي ڪتاب پڻ لکيو آهي. هن چيو تہ مون الفابيٽي اصولن موجب پڙهي اندازو لڳايو آهي تہ سنڌو لکت جو نوي سيڪڙو تعلق سنسڪرت سان آهي پر ان تي مختلف نظريا ملن ٿا ان ڪري هن تي نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن مطالبو ڪيو تہ هڪ غير جانبدار ادارو ٺاهي ان کي پنهنجي ڪم لاء آزاد ڇڏيو وڃي تہ اهو موجوده جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان موهن جي دڙي مان مليل چار هزار مُھرن تي ڪم ڪري ان جي ڀاڃ ڪري سگهي.
آن لائن مباحثي جي ميزباني ناليواري شاعر ۽ ڪمپيئر ستار سروهي ڪئي.