-
ھَنڌُ:
حيدرآباد، سنڌ، 71000
-
سومر کان جمعو، 9 کان شام پنج
ڇنڇر ۽ آچر موڪل
- رابطو ڪريو
مختصر فلم لاءِ ڪھاڻي / ون لائين موڪلڻ جي دعوت

سنڌي ٻوليءَ سان محبت جي جذبي کي هٿي وٺائڻ ۽ لاتعلقيءَ وارن روين کي بهتر بڻائڻ لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ جو فيصلو .اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي جي هدايتن تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌي ٻوليءَ جي واهپي کي عام ڪرڻ ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان محبت جي جذبي کي اڀارڻ لاءِ هڪ جاڳرتا مهم جي ابتدا ڪئي پئي وڃي، جنهن جي پهرين حصي طور سنڌي ٻوليءَ طرف انفرادي ۽ اجتماعي روين کي موضوع بڻائي، مختصر احساساتي فلمون(short films) ٺاهيون وينديون. هنن فلمن وسيلي پنهنجي ٻوليءَ طرف اختيار ڪيل لاتعلقيءَ، سماج، والدين، استادن پاران مادري ٻوليءَ جي استعمال کي اهميت نہ ڏيڻ، اسڪول، بازار، ڪچهرين ۾ پنهنجي ٻوليءَ بجاءِ ڌارين ٻولين جي وڌندڙ استعمال ۽ تشريحي مهمن ۾ صوبي جي اڪثريتي ۽ سرڪاري ٻوليء کي نظر انداز ڪرڻ وارن روين سبب سنڌيءَ کي پوندڙ نقصانن جي نشاندهي ڪرڻ آهي. هن جاڳرتا مهم جو مقصد سنڌ سميت سموريءَ دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ڳالهائيندڙن کي پنهنجي مادري ۽ سنڌ صوبي جي سرڪاري ٻوليءَ جي تاريخي اهميت جو احساس ڏيارڻ آهي.
ٽن کان پنجن منٽن جي مختصر وقت وارين ٺهندڙ فلمن(short films) لاءِ موڪليل ڪهاڻيون /ون لائينون لاڳاپيل شعبي جي ماهرن تي مشتمل بورڊ آڏو پيش ڪيون وينديون. چونڊيل ڪهاڻي/ون لائين تي ليکڪ کان اسڪرپٽ لکرائي، ماهر ۽ تخليقي ڊائريڪٽرن وسيلي فلم بندي ڪرائي، جاڳرتا مهم جو حصو بڻائي ويندي.
سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو افسانه نگارن خاص طور ڊراما ۽ اسڪرين پلي لکندڙن کي لاڳاپيل موضوعن تي پنهنجون مختصر ڪهاڻيون/ آئيڊيا موڪلڻ جي دعوت ڏئي ٿو ۽ صلاح ڏني وئي آهي تہ
تخليقي خاڪو/ ون لائين پهرين سيپٽمبر 2022ع تائين اداري جي ڏنل ڏس پتي يا اي ميل وسيلي موڪلڻ گهرجن اي ميل حيدرآباد : 10 جولائي 2022..
سنڌي ٻوليءَ سان محبت جي جذبي کي هٿي وٺائڻ ۽ لاتعلقيءَ وارن روين کي بهتر بڻائڻ لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ جو فيصلو .اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي جي هدايتن تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌي ٻوليءَ جي واهپي کي عام ڪرڻ ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان محبت جي جذبي کي اڀارڻ لاءِ هڪ جاڳرتا مهم جي ابتدا ڪئي پئي وڃي، جنهن جي پهرين حصي طور سنڌي ٻوليءَ طرف انفرادي ۽ اجتماعي روين کي موضوع بڻائي، مختصر احساساتي فلمون(short films) ٺاهيون وينديون. هنن فلمن وسيلي پنهنجي ٻوليءَ طرف اختيار ڪيل لاتعلقيءَ، سماج، والدين، استادن پاران مادري ٻوليءَ جي استعمال کي اهميت نہ ڏيڻ، اسڪول، بازار، ڪچهرين ۾ پنهنجي ٻوليءَ بجاءِ ڌارين ٻولين جي وڌندڙ استعمال ۽ تشريحي مهمن ۾ صوبي جي اڪثريتي ۽ سرڪاري ٻوليء کي نظر انداز ڪرڻ وارن روين سبب سنڌيءَ کي پوندڙ نقصانن جي نشاندهي ڪرڻ آهي. هن جاڳرتا مهم جو مقصد سنڌ سميت سموريءَ دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ڳالهائيندڙن کي پنهنجي مادري ۽ سنڌ صوبي جي سرڪاري ٻوليءَ جي تاريخي اهميت جو احساس ڏيارڻ آهي.
ٽن کان پنجن منٽن جي مختصر وقت وارين ٺهندڙ فلمن(short films) لاءِ موڪليل ڪهاڻيون /ون لائينون لاڳاپيل شعبي جي ماهرن تي مشتمل بورڊ آڏو پيش ڪيون وينديون. چونڊيل ڪهاڻي/ون لائين تي ليکڪ کان اسڪرپٽ لکرائي، ماهر ۽ تخليقي ڊائريڪٽرن وسيلي فلم بندي ڪرائي، جاڳرتا مهم جو حصو بڻائي ويندي.
سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو افسانه نگارن خاص طور ڊراما ۽ اسڪرين پلي لکندڙن کي لاڳاپيل موضوعن تي پنهنجون مختصر ڪهاڻيون/ آئيڊيا موڪلڻ جي دعوت ڏئي ٿو ۽ صلاح ڏني وئي آهي تہ تخليقي خاڪو/ ون لائين پهرين سيپٽمبر 2022ع تائين اداري جي ڏنل ڏس پتي يا هن اي ميل وسيلي موڪلي ڏين contact@sindhila.edu.pk .بورڊ پاران مختصر فلم لاءِ چونڊيل ڪهاڻيءَ/اسڪرپٽ تي مناسب معاوضو پڻ ڏنو ويندو.
.
سليم جروار
ترجمان
- شيئر :
ھاڻوڪيون تحريرون
-
سنڌو لکت جي ڀاڃ تي اڳ…20 ڊسمبر، 2024ع
-
ٻارن لاءِ شاھہ لطيف جو ميلو-اسلام…02 نومبر، 2024ع
-
گهڻ ٻوليائي تعليم، مختلف نسلن ۽…21 فيبروري، 2024ع
-
سنڌي ٻوليءَ جو دفتري استعمال-آن لائين…29 آگسٽ، 2023ع
-
تحقيقي مقالي لکڻ جو فن ۽…24 آگسٽ، 2023ع