-
ھَنڌُ:
حيدرآباد، سنڌ، 71000
-
سومر کان جمعو، 9 کان شام پنج
ڇنڇر ۽ آچر موڪل
- رابطو ڪريو
ايوارڊ تقريب، سنڌي الف ب عجائب گھر ۽ کليل اسٽيج جو افتتاح
ايوارڊ تقريب، سنڌي الف ب عجائب گھر ۽ کليل اسٽيج جو افتتاح
حيدرآباد : 3 آگسٽ 2025
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران " ايوارڊ تقريب، سنڌي الف ب عجائب گھر ۽ کُليل اسٽيج جي افتتاحي تقريب کي تعليم ۽ معدنيات کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ خاص مهمان طور صدارتي خطاب ڪندي چيو ته" وزارتون، منصب يا عهدا ماڻهو لاءِ ذميواريون آهن جن لاء پنھنجي وس ۽ سمجھ جيترو ڪري سگهي اهو بهتر آهي، پنهنجي فرض کي محسوس ڪندي فرض شناسي ڪرڻ اضافي خوبي نه بلڪه اها ان جي ذميواري آهي. هن چيو تہ 12 هزار کان وڌيڪ رجسٽرڊ خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ لاءِ هزارين قابل استاد گهرجن جتي 40 کان 45 لک ٻار پڙهن ٿا پر ايترا استاد نڪرن نٿا، ان لاءِ اسان سڀني کي پنهنجي ذميواري ڏسڻ گهرجي جڏهن اسڪولن تان پڇاڻو ڪندا تہ اهو عملي پيار جو اظهار هوندو. هن چيو تہ موهن جي دڙي جي ٻولي جي ڀاڃ ۾ مسئلا آهن، اسان کي ان مان ڪا وڏي عبارت ناهي ملي سگهي ٻيو هندستان خاص طور تامل محقق نٿا اچي سگهن جنهن ڪري انڊس اسڪرپٽ جي ڀاڃ ۾ مشڪلاتون آهن، سنڌو تهذيب جا جتي به آثار آهن اتي وڌيڪ کوٽائي جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ادارا روزگار جو ذريعو ناهن هوندا دنيا ۾ آئوٽ سورس تي ڪم ٿي رهيو آهي اسان وٽ ادارن ۾ اضافي ڀرتيون ڪري ادارن کي روزگار جو ذريعو بڻايو ويو آهي ان سان ادارن جي تباهي ٿيندي، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري کي جن شين جي گهرج آهي اهي لکت ۾ ڏنيون وڃن تہ اهي پوريون ڪري سگهجن ٿيون". سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو" ٻوليءَ جي حوالي سان هزارين ڪم هوندا آهن انهن کي بنيادي ڪم سان جوڙڻ بيحد مشڪل هوندو آهي پر مون پنهنجي ٽن سالن جي عرصي دوران ڪوشش ڪري اداري ۽ ٻوليءَ جي مقصد کي سماج ۽ ماڻهن سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ڇو تہ ٻوليءَ جو ڪم صرف آفيس ۾ ويهي علمي ڪم ڪرڻ سان ناهي ان لاءِ سماج سان ڳنڍڻ به ضروري آهي. هن چيو تہ تعليم ۽ تدريس جي حوالي سان استادن جي سنڌي سکيا جا مرڪز قائم ڪيا، ڪراچي جي سکيا مرڪز ۾ ڪراچي جي وڏن اسڪولن جي استادن سنڌي سکيا ورتي ۽ اهي ڪاميابي سان پڙهائي رهيا آهن، اهي سکيا مرڪز ضلعي سطح تي کڻي وينداسين جنهن لاء تعليم کاتي جو سهڪار گهربل هوندو،ان سکيا مرڪزن کي باقده هلائڻ لاءِ اينڊومينت فنڊ قائم ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سماج ۾ تحقيق ۽ ٻوليءَ جي معيار کي بهتر بڻائيندڙن جي همت افزائي ڪري رهيا آهيون ان لاءِ ٽيڪنالاجي ۾ ٻولي جي داخلا تي ايوارڊ ڏئي رهيا آهيون اهو پاڪستان ۾ صرف سنڌي ٻوليءَ ۾ ملي ٿو ۽ ان سان گڏ نوجوان محققن ۽ لکندڙن جي همت افزائي ڪري رهيا آهيون. ٻارن لاء شاھ لطيف جي ميلن جو سلسلو شروع ڪيو جن ذريعي ٻارن کي لطيف سان ڳنڊيو . سنڌي ٻوليءَ جي اڳوڻي چيئرمئن ۽ ناليواري محقق ڊاڪٽر محمد علي مانجهي* ڊاڪٽر منصور احمد ٿلهي جي ڪتاب/سنڌي رسم الخط جو تحقيقي جائزو تي ڳالھائيندي چيو ته سنڌي ٻولي جي قديم لکت کي پڙھڻ ۾ مدد ملندي ھن ڪتاب ۾جيڪا تحقيق آھي اھا موھن جي دڙي جي ٻولي سمجھڻ ۾ نوان گس ڏيندي.سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل کنڀاٽي چيو ته اسان جا ڊاڪٽر احسان عرساڻي جي يو ٽيوب چئنل کي ڏسي وڏي ڄاڻ ۽ رھنمائي حاصل ڪندا آھن . عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف ڪمپيوٽر انجنيئرنگ جي ڊائريڪٽر ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ماھر امر فياض ٻرڙو چيو ته سنڌي ٻولي کي دفتر مان ڪڍي عام ھنڌ تي آندي وئي آھي، جنهن ۾ ڊاڪٽر اسحاق جي محنت آھي کيس جس هجي ، ھاڻ دور مشين جو دور آهي، اهو دور گذري ويو جڏهن گوگل ۾ ڳولا ڪندا هئاسين ھاڻ هرڪو مصنوعي ذهانت کان پڇي ٿو جيڪو زبردست قسم جي معلومات ڏي ٿو سنڌي ٻولي مصنوعي ذهانت جي ھر پروگرام شامل آھي، ان ۾ اداري سازي جو ڪردار آھي. ھن چيو ته باک ايپليڪيشن سنڌي شاعري جي پهرين ايپ آهي جنهن ۾ نہ فقط اڄ جي گهرجن کي پورو ڪيو ويو آهي بلڪہ آئيندي جي گهرجن کي به پورو ڪيو ويو آهي ان ۾ مصنوعي ذهانت جي ڪوڊننگ ٿيل آهي باک ۾ لفظ سان شاعري جي ڳولا ڪري سگهجي ٿي نوجوانن کي شابس آهي جن اهو ڪري ڏيکاريو." نامياري ليکڪہ ڊاڪٽر تهمينه مفتي چيو ته سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي اداري جي تحريڪ ٿيڻ جا انداز مختلف رھيا آھن آھي نظرانداز نٿا ڪري سگھجن ادارو عام سطح تائين ٻولي جو پيغام کڻي پھتو. مائيرن ۽ ٻارن جا پروگرام ڪرائي انهن کي ٻولي جي اھميت بابت ٻڌايو. نامياري ليکڪ منوج ڪمار چيو ته عالمي پس منظر ۾ انگريزي جيڪا تھذيب جي لولين کي تيزي سان کائي رھي آھي ٻيو ملڪ جي رابطي جي ٻولي تيزي سان اسان جي گھر ۾ ڦهلجي رهي آهي. اسان جا ٻار ۽ انھن جون مائرون رابطي جي ٻولي ۾ ڳالھائيندي ون آھن. سرڪاري ۽ خانڪي اسڪولن ۾ به رابطي جي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي جنهن سبب سنڌي ٻولي کي نقصان پھچي رھيو آھي ان سان اسان جي قومي سڃاڻپ لاءِ خطرو آهي. ناليواري ليکڪہ شبنم گل چيو ته ٻولي جو تعلق زمين ۽ ثقافت سان آھي انسان جي نفسيات جي ويجهو آهي ٻار ۾ جينياتي طور منتقل ٿئي ٿي.آھي. يونيسڪو به چيو آھي تہ ٻار کي بنيادي تعليم ماءُ ٻولي ۾ ملڻ گھرجي. ڊاڪٽر احسان دانش چيو ته ادارا ڪامياب تڏهن ٿيندا آهن جڏهن آھي پنھنجي مقصدن تحت ڪم ڪندا آهن.ھن وقت سنڌي ٻولي کي مختلف للڪاريو آھن. ھي ادارو ان للڪارن خلاف ڪم ڪري رھيو آھي. پھريون ڀيرو عالمي سنڌي ڪانفرنس ٿي ۽ ادارو پھريون ڀيرو پيغام کڻي ٻاهر نڪتو. سنڌ کان ٻاهر اسلام آباد ۾ ٻه وڏا پروگرام ٿيا ، ٻارن جي تنظيم ٺھي ٻارن جا ميلا منعقد ڪرائي ٻارن کي گهرايو ويو.اداري جي بنيادي مقصد تي ڪم ڪندي سنڌي سکيا جا مرڪز شروع ڪيا ويا آهن. انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف چيو ته سنڌي ٻولي جي بااختيار ادارو موجود دور ۾ شاندار ڪم ڪري رهيو آهي اداري جو ڪم عمارت کان نڪري عام ماڻهن تائين پھتو آھي جيڪو ٻولي لاءِ اصل ڪم آهي. سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ ترجي ئي ھن اداري جو مقصد آھي.
ناليواري شاعر علي آڪاش "چيو ته سنڌي ٻولي جي جاڳرتا جي حوالي سان حيدرآباد ۽ ٻين شھرن ۾ جاڳرتا ريليون ڪڍيون ويون. جڏهن ته حيدرآباد جي دڪاندارن سنڌي ٻولي ۾ بورڊ لڳائڻ جو واعدو ڪيو. انھن دڪاندارن کي سنڌي ٻولي ۾ بورڊ لڳائڻ گھرجن."
سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي سيڪريٽري ڊاڪٽر راز شاھاڻي چيو ته ھي پروگرام روايتن جو ھڪ حصو آهي. عالم ۽ ديب مختلف موضوعن تي ڪتاب لکندا آهن. ان ۾ سنڌي ٻولي سان لاڳاپيل ڪتابن تي ايوارڊ ڏنو ويندو آهي. جيڪا ھڪ صحتمند روايت آهي.تقريب ۾ سنڌي رسم الخط جو تحقيقي جائزو تي ڊاڪٽر منصور ٿلهو, سنڌي اکرن جي معياري رمز جا رجسٽريشن ۽ يونيڪوڊ جو معياري استعمال تي مقالي نگار ڊاڪٽر احسان احمد عرساڻي ۽ ويب ايپليڪيشن باک، سنڌي شاعري جو هنڌ جوڙيندڙ عبيدالله ٿهيم ۽ ڪامران واحد کي ايوارڊ ڏنا ويا، جڏهن تہ سنڌي الف ب عجائب گھر ۽ کُليل اسٽيج جو افتتاح ڪيو ويو ۽ تقريب دوران انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي تيريهن جلد جي مھورت پڻ ڪئي وئي.
- شيئر :
ھاڻوڪيون تحريرون
-
سنڌ جي مشھور شاعر نياز همايوني…11 اپريل، 2026ع -
سچل سرمست جي شاعري ۾ ٻوليءَ…05 مارچ، 2026ع -
گهڻ لساني سکيا لاءِ ٽيڪنالاجي جو…21 فيبروري، 2026ع -
هٿرادو ڏاهپ ۽ سنڌي ٻولي30 جنوري، 2026ع -
سنڌي ٻوليءَ بااختيار اداري پاران ’سنڌ…27 جنوري، 2026ع