سنڌي ادب جي مختلف صنفن جي ڇپيل ڪتابن تي اوارڊ ڏيڻ جي تقريب

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران 2014ع ۽ 2015ع ۾ سنڌي ادب جي مختلف صنفن جي ڇپيل ڪتابن تي اوارڊ ڏيڻ جي تقريب ڪوٺائي ويئي جنهن جي صدارت نامياري ليکڪ شوڪت حسين شوري ڪئي. صدارتي خطاب ڪندي شوڪت شوري چيو ته ڪتابن کي انعام ملن ٿا اهي ٻن يا ٽن ماڻهن جو رايو هوندو آهي ان جو مقصد اهو ناهي ته جن کي اوارڊ نه مليو اهي معياري نه آهن. ڪتاب معياري يا غير معياري پڙهندڙ سمجهي ٿو، دنيا جو وڏي ۾ وڏو اوارڊ نوبل اوارڊ به تڪراري رهيو آهي. 2016ع نوبل اوارڊ تڪراري رهيو، دنيا جا وڏا اديب به نوبل انعام کان محروم رهيا، انعام نه ملڻ جو مقصد ناهي ته اهو ڪتاب يا اهو ليکڪ گهٽ آهي. اوارڊ ڏيڻ جي هي روايت بهتر آهي اهو رهڻ گهرجي، هن چيو ته اها ڳالهه درست ناهي جيڪو ادارو اوارڊ ڏي ٿو ان اداري جو ڇپيل ڪتاب يا اتي جو ملازم ان اوارڊ مقابلي ۾ شامل نه ٿئي، سنڌي ادب ۾ ڪتاب وڌيڪ ڇپجي رهيو آهي، پبلشرن جي شڪايت آهي ته ڪتاب وڪرو گهٽ ٿئي ٿو. ان جا سبب ڏسڻا پوندا. اها ڳڻتي جي ڳالهه آهي، آبادي جي تناسب سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک ڪاپيون ڇپجڻ گهرجن، انڊيا ۾ سنڌي ڪتاب ڇپجي ٿو ۽ اتي سرڪار ڏيڍ سؤ ڪتاب ڪاپيون وٺڻ جي پابند هوندي آهي اسان وٽ ايئن ٿيڻ گهرجي. تعليم کاتي کي گهرجي ته ڪاليج سطح تي ڪتاب خريد ڪري پهچائي انهن ڪاليجن جي لائبريري جي سٺي بجيٽ هوندي آهي. هن چيو ته انعام جي رقم گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار هجڻ گهرجي.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي چيئرمئن ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ چيو ته سٽ لکڻ جو معاوضو نه هوندو آهي ان کي مڃتا ڏيئي سگهجي ٿي، جيئن هو جيڪو فرض پورو ڪري رهيو آهي ان کي وڌيڪ بهتري سان ڪري. ليکڪ سماج جي تبديلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن. ادارا سرڪاري هجن توڙي غير سرڪاري اهي ليکڪن کي همٿائين. هن چيو ته 2014ع ۽ 2015ع وارن کي شيلڊون ڏنيون وينديون اسان ڪتاب لکڻ کي اوارڊ ناهيون ڏيندا ڪتاب جي مقابلي کي اوارڊ ڏنو ويندو. اسان اشتهار ڏيندا آهيون ليکڪ ۽ پبليشر ڪتاب موڪليندا آهن پوءِ اهي ڪتاب اسڪالرن کي موڪليندا آهيون. هر صنف تي 2 ڪتاب هجن جيئن مقابلو ٿئي، هن چيو ته هاڻ الڳ الڳ ڪيٽگري ڪرڻي پوندي ادب ۽ سماجي تحقيق الڳ الڳ ڪرڻ گهرجن. اداري جو ڪو به ڪتاب مقابلي ۾ شامل ناهي هوندو بورڊ آف گورنرس ۽ اسٽاف جي ڪنهن به ماڻهو جو ڪتاب شامل نه آهي ٿيندو ته جيئن ان جو تاثر غلط نه وڃي. پروفيسر قلندر شاهه لڪياري چيو ته سنڌي ٻولي جا کوڙ سارا لهجا آهن انهن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، بلوچستان ۾ سنڌي جا ڪافي لهجا آهن انهن تي ڪم ڪرڻ گهرجي. ادارن کي گهرجي ته ڪجهه اسڪالرشپون ڪرائي ٻولي تي تحقيقي ڪم ڪرائين. هن چيو ته اٿارٽي اوارڊ ڏيڻ واري روايت هلائي آهي اها به هڪ ڪوشش آهي ان سان ادب جي خدمت ۾ هٿي ملندي. ٻولي ۾ لکڻ به ٻولي جي وڏي خدمت آهي قلم جي وڏي اهميت آهي. نامياري شاعر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر ادل سومري چيو ته اسان وٽ گهڻو ڪري اوارڊ متضاد به رهيا آهن، ڪافي ماڻهو اشتهار پڙهندا به آهن ڪي ناهن پڙهندا ڪافي ڪتاب رهجي ويندا آهن پر بهتر ڳالهه آهي جو اوارڊ ته ملن ٿا. هن چيو ته ليکڪ کي مڃتا ملڻ کپي تخليقي عمل اوارڊ جي ڪري ناهي هوندو ۽ نه ئي اوارڊ ملڻ کانپوءِ اهو عمل رڪندو آهي. اڳوڻي سيڪريٽري شمس جعفراڻي چيو ته سنڌي ٻولي اٿارٽي کي پنهنجي روايتن کي برقرار رکي تقريب رکڻ تي مبارڪ هجي. 2008ع ۽ 2009ع ۾ ان وقت جي وزير سسئي پليجو صاحبه به اعلان ڪيو ته جيتري رقم اٿارٽي ڏيندي ايترو ثقافت کاتو به ڏيندو گذريل ٻن ٽن سالن کان ايئن نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اٿارٽي به 25 هزار مان وڌائي 50 هزار ڪري. اٿارٽي جي ڪتابن ۽ ملازمن کي شامل نه ڪرڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي. هن چيو ته ثقافت کاتي پاران 2008ع ۾ 3 اوارڊ لطيف اوارڊ، شيخ اياز اوارڊ ۽ جوش ملحيه آبادي اوارڊ ڏيڻ جي شروعات ٿي اوارڊ سان گڏ هڪ لک روپيه ڪيش پڻ شامل هئا ۽ اهي اوارڊ سنڌ ڪابينا ۾ منظوري بعد هر سال ڏيڻ جو اعلان ٿيو پر هاڻ اهو سلسلو به رڪجي ويو آهي. نوجوان دانشور جامي چانڊيي چيو ته هي اوارڊ تقريب هڪ اداري جي نه پر سماج پاران مڃتا ملي رهي آهي. ڪتاب کي مڃتا ڏيڻ سان سماج ۾ گهڻ رخا اثرات پون ٿا اهڙو سماج جتي ڪتاب معياري گهٽ ڇپجي ٿو ۽ گهٽ پڙهجي ٿو ۽ جتي اديب کي گهر ۾ بيڪار سمجهيو وڃي ۽ سماج هن کي ڪم نه ٿو سمجهي ان ماحول ۾ لکڻ جرئت جي ڳالهه آهي. هن چيو ته تحقيق جي حوالي سان ڊاڪٽر  بلوچ صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. بلوچ صاحب خوشنصيب هو جو کيس هر دؤر ۾ ادارا مليا. جويي صاحب 14 سال ادبي بورڊ کي ڏنا اهي 14 سال ۽ بورڊ جو ٻيو عرصو ڏسبو ته جويي صاحب جو دور وزني هوندو اڄ ادارا ناهن جو عالمن، اسڪالرن ۽ محققن کي سهوليتون ڏين. سنڌي ٻولي تي تحقيق جو ڪم ڪرڻو پوندو ڪٿان نڪتي ڪٿان آئي ان کي ڇڏي ان کي بچائڻ لاءِ نئين سر سان ڪم ڪرڻو پوندو. تقريب ۾ جن ڪتابن کي اوارڊ ڏنا ويا انهن ۾ سال 2014ع جي تحقيق ۽ تنقيد جي موضوع تي ڊاڪٽر شير مهراڻي جي ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس“، ناول جي صنف تي انور بلوچ جي ڪتاب ”ايلشبا“، سماجي ادب تي نصير ميمڻ جي ڪتاب ”سنڌ جو ڪيس“، شاعري ۾ رخسانه پريت جي ڪتاب ”نگاهن جا سجدا“، سوانحي ادب تي بدر ابڙي جي ڪتاب ”قافلو هلندو رهي“، ڪهاڻين ۾ عباس ڪوريجي جي ڪتاب ”پنهنجي ڌرتي“، ترجمي جي صنف تي عبدالقادر جوڻيجي جي ڪتاب ”ادب اندر ۾ ويٺل جِن ۽ ڀُوت“، سفرنامي تي موهن مدهوش جي ڪتاب ”پونا ايڪسپريس“، ٻاراڻي ادب تي ياسر قاضي جي ڪتاب ”اُٺ ماما گوگڙو“، اهڙي ريت 2015ع ۾ ڇپيل ڪتابن مان تحقيق ۽ تنقيد جي موضوع تي محمود مغل جي ڪتاب ”سنڌ ٽاڪيز“، ناول جي صنف تي شبنم گل جي ڪتاب ”مکيءَ کان موڪلاڻي“، سماجي ادب تي زيب سنڌي جي ڪتاب ”سنڌ جي ڳالهه“، شاعريءَ ۾ روبينا ابڙو جي ڪتاب ”قدم کان عدم تائين“، سوانحي ادب تي شمس جعفراڻي جي ڪتاب ”ڪتيم سڀ ڄمار“، ڪهاڻين ۾ امر لغاري جي ڪتاب ”ناد وارو“، ترجمي جي صنف تي ڀون سنڌي جي ڪتاب ”درد بڻيو دلربا“ ۽ ٻاراڻي ادب تي مختار سمون جي ڪتاب ”گلن جهڙي شاعري پوپٽ جهڙا ٻار“ اوارڊ ماڻيا.

تقريب دوران رجب فقير لطيف سرڪار جون وايون ٻڌايون.