اسڪالرشپ جو اعلان

اسڪالرشپ جو اعلان
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌي ٻولي ۽ لسانيات تي تحقيق ڪندڙ ايم. اي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي
شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جو اعلان:
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران يونيورسٽي سطح تي سنڌي ٻولي ۽ لسانيات تي تحقيق کي هٿي وٺائڻ لاءِ مالي سھائتا جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ته جيئن ايم. اي، ايم.فل ۽ پي. ايڇ. ڊي ۾ داخلا وٺندڙ شاگرد وڌ ۾ وڌ سنڌي ٻولي ۽ لسانيات جي موضوعن تي تحقيق ڏانھن مائل ٿين.  
هن وقت جيڪي شاگرد ايم. اي، ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي ۾ داخل آهن ۽ انھن جا تحقيقي موضوع سنڌي ٻولي ۽ لسانيات آهن، اُهي پنھنجو تحقيقي خاڪو، (Outline) موضوع جي انفراديت يا نواڻ، ڪم جو تفصيل ۽ داخلا جو سال لکي اداري جي سيڪريٽري ڏانھن موڪلي سگهن ٿا. پھتل درخواستن جو جائزو وٺي، ڪاميٽيءَ آڏو رکيو وينديون.  
جيڪي شاگرد ايم. اي، ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪنھن نئين/ اڻ ڇھيل موضوع تي مونوگراف لکندا ته انھن جي سھائتا لاءِ پڻ سفارش ڪري سگهجي ٿي. 
سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو

اسڪالر شپ جو اعلان