سنڌ اسيمبليءَ جي پاس ڪيل ائڪٽ ۽ سنڌ سرڪار جي پاليسين مطابق، سنڌي ٻوليءَ جي وڌ ۾ وڌ استعمال ۽ ٻوليءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي پاران مختلف ادارن ۽ کاتن جي سربراهن ۽ اختيارين سان ملاقات ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ سان ملاقات ڪري، يونيورسٽي ڪئمپس، هاسٽلن ۽ يونيورسٽيءَ جي حدن ۾ ايندڙ روڊن رستن تي انگريزي ۽ اردوءَ سان گڏ سنڌيءَ ۾ پڻ بورڊ لڳائڻ ۽ روزاني جي دفتري لکپڙه سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪرڻ بابت ويچار ونڊيا. گڏجاڻي دوران اهو پڻ طئي ٿيو تہ سنڌي ٻولي نہ فقط ماء ٻولي آهي، پر سنڌ پرڳڻي جي سرڪاري ٻولي طور رائج ٿيل آهي، ان ڪري سنڌ جي سمورن نجي توڙي سرڪاري ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال قانوني حيثيت رکي ٿو. چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو تہ ادارن کي طئي ٿيل مقصدن هيٺ هلائڻ لاءِ هڪٻئي سان سهڪار وقت جي ضرورت آهي، ان سان مقصدن جي حاصلات ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ يقين ڏياريو تہ تمام جلد يونيورسٽيءَ جي حدن اندر سنڌي ٻوليءَ ۾ نوان بورڊ لڳايا ويندا ۽ پراڻن بورڊن ۾ واڌارو ۽ سڌارو، ڪري انهن ۾ سنڌي شامل ڪئي ويندي. ملاقات دوران ادارن جي هڪٻئي سان ويجهڙائيء لاء لاڳاپيل سرگرمين ۾ سهڪار ڪرڻ جو پڻ عزم ڪيو ويو.
سليم جروار
ترجمان